ڊونيڊن -19 مارچ (اي پي پي) انگلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ عالمي ڪرڪيٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي وومين ٽيم کي 27 رنسن سان شڪست ڏئي 5 ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. انگلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان هيٿر نائب بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم جي سوڀ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. کيس ميچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو. انگلينڊ جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنسون ٺاهيون. ڪپتان هيٿرنائٽ بهترين بيٽنگ ڪندي 63 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرره 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ٽيم جي ڪپتان سوزي بيٽس شاندار 65 رنسون ٺاهيون.