ڪرائسٽ چرچ – 11 مارچ (اي پي پي) آسٽريلوي بيٽسمين ايلڪس ڪيري جي شاندار بيٽنگ عيوض ڪينگروز، نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 2 ميچن جي سيريز ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏي. مهمان آسٽريلوي ٽيم نيوزيلينڊ طرفان مليل 279 رنسن جو هدف ميچ جي چوٿين ڏينهن 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو جنهن ۾ مچل مارش 80، ايلڪس ڪيري جي ناقابل شڪست 98 رنسن جي اننگ ۽ پيٽ ڪمنز جون 32 رنسون شامل آهن. ميچ ۾ شاندار بيٽنگ تي ايلڪس ڪيري کي ميچ جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ميٽ هنري کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.