اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي نائين ايڊيشن ۾ اڄ اڱاري تي واهد ميچ ملتان سلطانز ۽ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ميچ شام جو 7 وڳي شروع ٿيندي. پي سي بي جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ اڱاري تي 30هين ۽ آخري ليگ ميچ ملتان سلطانز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾ کيڏي ويندي. ٻئي ٽيمون 9-9 ميچون کيڏي چڪيون آهن جنهن ۾ ملتان سلطانز سڀ کان وڌيڪ 12 پوائنٽن سان پوائنٽ ٽيبل تي سرفهرست جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز 11 پوائنٽن سان چوٿين نمبر تي آهي. پي ايس ايل جو ناڪ آئوٽ مرحلو 14 مارچ کان شروع ٿيندو جڏهن ته فائينل 18 مارچ تي ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو.