اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪندي گڏجي ملڪي ٻيڙي کي پار لڳائڻو آهي، آصف علي زرداري جي صدر بڻجڻ سان اسان کي حوصلو ملندو، اسان جو صدارتي اميدوار آصف علي زرداري، هو 9 مارچ تي ڪامياب ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتحادي پارٽين جي قائدين ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي اعزاز ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اتحاد ۽ اتفاق سان وفاق ۾ اتحادي حڪومت ٻيهر وجود ۾ آئي آهي ۽ صوبن، سنڌ ۾ پپيلزپارٽي، پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن)، بلوچستان ۾ وفاق جي طرز تي اتحادي حڪومت وجود ۾ آئي آهي، اهو عوام جو فيصلو هو جنهن جو احترام ڪرڻو آهي. هن جهڙي طريقي سان مينڊيٽ ڏنو آهي پورو پاڪستان ۽ پوري دنيا گهرائي سان ڏسي رهي آهي ته انهن پارٽين ۾ ڪيتري صلاحيت ۽ عزم آهي ۽ اهي ڪهڙي طرح عوام کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏين ٿيون. هن چيو ته پنهنجي مٿان اعتماد تي اتحادي پارٽين جي قائدين جو ٿورائتو آهيان، محمد نواز شريف ۽ سندس ساٿين متفقه فيصلي جي ذريعي مون کي عزت بخشي آهي جنهن تي الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهيان، انهن ادارن کي ڪيئن هلائڻو آهي اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته هڪ کرب 700 ارب اوڳاڙين جا ڪيسز عدالت ۾ آهن. هن چيو ته اسان کي گڏجي ان ٻيڙي کي پار لڳائڻو آهي، ووٽ جي ذريعي صدر جي عهدي کي ڀرڻو آهي ۽ ملڪ جي حالت بدلائڻ جي لاءِ متحرڪ ٿيڻو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته دوست ملڪ سيڙپڪاري جي لاءِ خوشي سان ايندا، اسان کي پاڻ کي به تيار ڪرڻو پوندو، الله تعاليٰ جي رحمت سان اسان چونڊيا آهيون، خيبرپختونخواهه جو دورو ڪيو، پاڪستان چئن پاين جو نالو آهي، اتحاد ۽ اتفاق جو نالو آهي، پوري ڪوشش ڪنداسين ته گڏجي هلون. شهباز شريف چيو ته ملڪ کي هماليه کان وڏا چئلينجز درپيش آهن، گذريل چئن ڏينهن دوران مسلسل ڪيترائي ڪلاڪ معيشت تي اجلاس ڪيا، گئس ۽ بجلي جو گردشي قرض 5 کرب رپيا آهي، پي آءِ اي جو قرض 825 ارب رپيا آهي، بجلي جي ساليانو چوري 500 ارب رپيا آهي، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته صورتحال ڪيتري مشڪل آهي. هن چيو ته برآمد ڪندڙن جي اصلي ڪليمز تي 65 ارب رپيا ادا ڪيا ويا آهن، ٽيڪس سليب گهٽ ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي، پاڙيسري ملڪن جي مقابلي ۾ اسان جي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح تمام گهٽ آهي، ڪيترائي سئو ارب رپين جو خسارو آهي، قرض وٺي خسارو پورو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته صوبن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اتحادي پارٽين کي وڏي اڪثريت حاصل آهي، ان جي باوجود سڀني کان ووٽ گهرڻو آهي، چار ڏينهن اڳ مشاورتي ڪميٽي جوڙي، صدر جي لاءِ ووٽ گهرڻ سڀني وٽ وينداسين، 9 تاريخ تي فيصلو ٿي ويندو ۽ اتحادي پارٽين کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملندي، اسان سڀني کي گڏجي صدارتي چونڊن جي مهم کي ڪامياب بڻائڻو آهي، آصف علي زرداري جي صدر بڻجڻ سان اسان کي حوصلو ملندو، 2024ع ۾ ووٽرز آزاداڻي طور تي صدر جي چونڊ ڪندا، اسان جو صدارتي اميدوار آصف علي زرداري آهي ۽ هو 9 مارچ تي ڪامياب ٿيندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 23:18