اسلام آباد-08 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ اڄ ڇنڇر ڏينهن واحد ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندر وچ ۾ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ميچ شام 7 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اهتمام هيٺ پي ايس ايل جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي. نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ڇنڇر ڏينهن ليگ جي 26 هين ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز جي ٽيمون آمهون سامهون هونديون. ڪراچي ڪنگز جو مشهور بيٽسمين شان مسعود جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي، ان ٽيم ۾ شعيب ملڪ، محمد نواز، ڪيرون پولارڊ، حسن علي، انور علي ۽ ڊينيئل سامز جهڙا بهترين رانديگر شامل آهن. لاهور قلندرز کي مشهور بالر شاهين شاهه آفريدي ليڊ ڪندو. ٻئي ٽيمون 8، 8 ميچون کيڏي چڪيون آهن، ڪراچي ڪنگز 6 پوائنٽس سان ٽيبل تي پنجئين جڏهن ته لاهور قلندرز جي ٽيم اڃان تائين هڪ ميچ کٽي سگهي آهي ۽ هو 3 پوائنٽس سان ٽيبل تي سڀني کان هيٺ ڇهين نمبر تي آهي.