راوالپنڊي-05 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ اڄ اربع تي وڌيڪ 2 ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئٽه گليڊيئيٽرز جڏهن ته ٻي ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ کيڏي ويندي. ٻئي ميچون راوالپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. اربع تي پهرين ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئٽه گليڊيئيٽرز وچ ۾ منجهند جو 02 وڳي کيڏي ويندي. جڏهن ته ٻي ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ رات جو 7 وڳي کيڏي ويندي.