لندن _ 5 مارچ (اي پي پي ) انگلش پريميئرفٽ بال ليگ ۾ آرسنل پنهنجي شاندار ڪارڪردگي عيوض شيفيلڊ يونائيٽڊ کي هارائي ڇڏيو . آرسنل جي ٽيم يڪطرفه مقابلي بعد شيفيلڊ يونائيٽڊ کي 6-0 گول تان شڪست ڏئي اي پي ايل جي 19 هين فتح حاصل ڪري ورتي . مارٽن اوڊيگارڊ ، جيڊن بوگلي ، گيبريل مارٽينلي ، ڪائي هاورٽنز ، ڊيڪلن رائس ۽ بين وائٽ هڪ هڪ گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم آرسنل جي فتح ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو . انگلش پريميئر ليگ جي 32 سيزن جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن .