ٽيڪساس-01 مارچ (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي ٻيلن ۾ گرمي ۽ تيز هوائن سبب لڳل باهه تي ضابطي لاءِ ڪوششون جاري آهن،ميڊيا رپورٽن موجب ڪائونٽي جي ايمرجنسي سروسز جي ترجمان ڊيڊرا ٿامس ٻڌايو ته ٽيڪساس جي ٻيلن ۾ گرمي ۽ تيز هوائن سبب لڳل باه تي ضابطي لاءِ ڪوششون جاري آهن، هن ٻڌايو ته رياست جي تاريخ ۾ لڳل اها سڀ کان وڏي آهي جنهن 1،075،000 ايڪڙ ايراضي کي وڪوڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي،آمريڪي صدر جوبائيڊن ڏکڻ سرحد جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 500 وفاقي اهلڪار ٽيڪساس جي ٻيلي ۾ لڳل باه کي وسائڻ وارين ڪارواين ۾ حصو وٺي رهيا آهن،هن پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي ته انهن ماڻهن جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن جن جي باهه سبب متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي.