اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿيون، چونڊ نتيجن جي اعلان ۾ دير جو مطلب ڌانڌلي نه آهي، پاڪستان کي دهشتگردي جا چئلينجز درپيش آهن، موبائيل فون سروس عوام جي تحفظ جي لاءِ بند ڪئي وئي، چئلينجز جي باوجود جمهوري تسلسل خوش آئنده آهي، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ سيڪيورٽي ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو، دهشتگردي جي خطرن جي باوجود پرامن چونڊون منعقد ٿيون، پرامن احتجاج سياسي ڪارڪنن جو حق آهي پر ڪنهن کي ڏڦيڙ ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي چونڊن جو فيصلو ايندڙ پارليامينٽ ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته چونڊن دوران عالمي مبصر موجود رهيا، چونڊ نتيجا هن ڀيري 36 ڪلاڪن ۾ جوڙيا ويا ۽ 2018ع ۾ 66 ڪلاڪن ۾ جوڙيا ويا هئا، 92 هزار پولنگ اسٽيشنن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ٺوس انتظام ڪيا ويا هئا، سوشل ۽ ڊيجيٽل ميڊيا تي چونڊ نتيجن جي حوالي سان وڌائي چڙهائي تجزيا پيش ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن جي جيڪا ذميواري هئي اها هن پوري ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته قياس آرائيون ڪنهن به معاملي تي ڪري سگهجن ٿيون، سيڪيورٽي معاملن کان آگاهي رکندڙ ماڻهو موبائيل سمز جي آءِ اي ڊيز جي لاءِ استعمال ڪرڻ بابت ڄاڻين ٿا. پشين ۽ قلعه سيف الله ۾ اهو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، اهي اطلاع هئا ته غيررياستي عنصر ۽ دهشتگرد سڄي ملڪ ۾ پوري چونڊ عمل کي سبوتاز ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا، پوءِ حڪومت وٽ ڪهڙو رستو رهجي پئي ويو، ڇا ان کي پنهنجي عوام جي حفاظت جي لاءِ قدم نه کڻڻ گهرجن ها. اسان الزامن جي پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي عوام جي حفاظت تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ڇو ته عوام جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته موبائيل فون سروس جي بندش جي باوجود براڊ بينڊ انٽرنيٽ سروس جي سهولت پوري ملڪ ۾ دستياب هئي، موبائيل فون سروس ته محرم الحرام دوران بند ڪئي ويندي آهي، 8 فيبروري تي ڪا نئين ڳالهه نه ٿي، ائين ته ان کان اڳ به ۾ هتي ٿيندو رهيو آهي، چونڊ نتيجن جي اعلان ۾ دير جو مطلب ڌانڌلي نه آهي، چونڊ نتيجن ۾ دير ته اسان برداشت ڪري سگهون ٿا پر دهشتگردي نه، سڄي ملڪ ۾ 92 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز ٺاهيون ويون هيون جن کي آر او آفيس ۽ اليڪشن ڪميشن جي آفيسن سان ڳنڍيو ويو هو، ان سموري عمل جي لاءِ ڪجهه وقت ته گهربل هو، هر اليڪشن کانپوءِ ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، 35 پنڪچرز ۽ بعد ۾ ان کي هڪ سياسي بيان ڪنهن قرار ڏنو هو؟ تڏهن هڪ عدالتي ڪميشن به ٺهي هئي پوءِ ان جو ڇا ٿيو هو؟ هن چيو ته برطانيا، آمريڪا ۽ يورپي يونين اسان جا دوست ملڪ آهن پر بدقسمتي سان انهن جو شروعاتي تجزيو سوشل ۽ ڊيجيٽل ميڊيا تي ڏني ويندڙ معلومات تي ٻڌل آهي، ذميوار حڪومتون انتظار کانپوءِ پنهنجو موقف اختيار ڪن ته اهو بهتر هوندو آهي، جيڪڏهن اسان کي جاچ ڪرائڻي پوندي ته اسان ائين آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي يونين جي مطالبي تي نه ڪنداسين پر پنهنجي طريقيڪار موجب ڪنداسين ڇو ته اسان هڪ خودمختيار ملڪ آهيون، اهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جا پنهنجا قانون موجود آهن، اهڙا چئلينجز ته ڪيپيٽل هل ۾ به موجود هئا، ڇا اسان چيو ته آمريڪا عدالتي ڪميشن ٺاهي ته آمريڪا جو ايندڙ صدر ڪير ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اليڪشن جي ٻئي ڏينهن 9 فيبروري تي هڪ آپريشن ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جو ماسٽر مائنڊ ۽ انتهائي گهربل دهشتگرد ضلعي قلعه سيف الله ۾ ماريو ويو، سيڪيورٽي فورسز هڪ طرف عوام جي جان ۽ مال کي يقيني بڻائي رهيون آهن ته ٻئي طرف ملڪ ۽ عوام جي لاءِ ناپاڪ ارادا رکندڙ شرپسند عنصرن جو پڻ خاتمو ڪري رهيون آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي چونڊن جو فيصلو ايندڙ پارليامينٽ ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته چونڊ عمل کي وڌ کان وڌ شفاف بڻائڻ جي لاءِ بحث مُباحثي ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي ته جيئن چونڊ عمل ۾ ڪنهن جي مداخلت جا الزام نه هڻي سگهجن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کان مثبت تجويزون وٺي سگهجن ٿيون پر فيصلاسازي جي جڳهه پارليامينٽ آهي، نئين پارليامينٽ وجود ۾ اچي رهي آهي، ان ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي، اهي ان تي غور فڪر ۽ قانونسازي ڪري سگهن ٿيون، ملڪ ۾ چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿيون، جيڪڏهن بي ضابطگين جي حوالي سان ڪجهه شڪايتون يا مسئلا آهن ته ان جي ازالي جو طريقيڪار به موجود آهي ۽ اهو طريقيڪار ايڪٽ آف پارليامينٽ جو حصو آهي، آئون سمجهان ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي مالي ۽ انتظامي طور تي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته نئين پارليامينٽ ايندر وزيراعظم جي چونڊ ڪندي، نئين چونڊيل پارليامينٽ چونڊ عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ايندڙ حڪومت جي لاءِ سنجيده اقتصادي چئلينجز موجود آهن، اها انهن چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کڻندي، اقتصادي استحڪام ۽ قانونسازي جي لاءِ سياسي اختلافن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي، ان جي لاءِ سياسي بحث مُباحثي ۽ ڳالهه ٻولهه جي پڻ ضرورت آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تي به ڳالهه ڪرڻي پوندي، چونڊون هاڻي ٿيون آهن، جيڪي به ڪنهن جا سياسي يا معاشي هدف آهن انهن کي سامهون رکي اڳتي هلندا ته سڀني جي حق ۾ بهتر ٿيندو. نگران وزيراعظم چيو ته چونڊ عمل ۾ نوجوان ووٽرز جي وڏي انگ جو حصو وٺڻ ملڪ جي سياسي عمل جي لاءِ تمام اهميت رکي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام جو فيصلو چونڊيل حڪومت ئي ڪندي، پي آءِ اي جي نجڪاري جي لاءِ مڪمل پلان تيار ڪيو ويو آهي، ايندڙ حڪومت ئي ان تي عملدرآمد جي لاءِ ڪا اڳڀرائي ڪندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته سڀني کي پنهنجي روين تي نظرثاني جي ضرورت آهي، نفرت کي ختم ڪري هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻو پوندو، اسان کي هاڻي صحتمند تبديلي ۽ صحتمند پاڪستان طرف قدم وڌائڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڌانڌلي جا الزام هڻڻ آسان آهن انهن کي ثابت ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، چونڊ عمل ۾ سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وئي هئي.