بيجنگ – 22 جنوري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ڏکڻ اولهه واري صوبي ينان ۾ مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. شنهوا مطابق چيني صدر اهو حڪم ان وقت جاري ڪيو جڏهن ينان جي ڪائونٽي ۾ زينشيانگ ۾ سومر جي صبح لينڊ سلائيڊنگ سبب 47 ماڻهو ڀنجو هيٺان دٻجي ويا.