نيويارڪ-18 جنوري (اي پي پي)آمريڪي مئگزين فوربز دنيا جي طاقتور ترين 10 ڪرنسين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، پنهنجي تازي رينڪنگ ۾ آمريڪي ڊالر کي 10 هون نمبر ڏنو ويو. فوربز لکيو آهي ته گڏيل قومن ۾ 180 ڪرنسين کي قانوني حيثيت حاصل آهي پر ڪنهن به ڪرنسي جي مقبوليت يا ان جو وڌيڪ استعمال ان جي مستحڪم هجڻ جي علامت ناهي، مئگزين جي 10 جنوري تي جاري ڪيل رينڪنگ ۾ ڪويتي دينار طاقتور هجڻ جي اعتبار سان پهرين نمبر تي آهي جنهن جي ماليت 3.25 ڊالر جي برابر آهي. ٻيو نمبر بحريني دينار جو آهي جنهن ماليت 2.65 ڊالر آهي، عماني ريال 2.60 ڊالر سان ٽئين نمبر تي، اردني دينار 1.41 ڊالر سان چوٿين نمبر تي، جبرالٽر ۽ برطانوي پائونڊ 1.27 ڊالر سان پنجين نمبر ۽ ڇهين نمبر تي آهن، ستون نمبر ڪيمين آئي لينڊ ڊالر آهي جنهن جي ماليت 1.20 ڊالر آهي، سوئٽزرلينڊ جو فرانڪ 1.17 ڊالر ماليت سان اٺين نمبر تي جڏهن ته يورو 1.9 ڊالر ماليت سان نائين نمبر تي آهي، ان کانپوءِ آمريڪي ڊالر جو نمبر آهي، آمريڪي ڊالر دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ۽ اڪثر بنيادي ريزور ڪرنسي ڳڻتي ويندي آهي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي طاقتور هجڻ جي اعتبار سان هي ڪيترين ئي ڪرنسين کان هيٺ آهي.