آڪلينڊ – 11 جنوري (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج بين الاقوامي ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻچل سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) جمعي تي ايڊن پارڪ، آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي. پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا کان نيوزيلينڊ پهچي وئي آهي. گرين شرٽس اڄ ڪلهه نيوزيلينڊ ۾ ٽريننگ سيشن ۾ مصروف آهي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز نيوزيلينڊ ۾ شيڊول آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 12 جنوري تي آڪلينڊ، ٻئين 14 جنوري تي هملٽن، ٽئين ميچ 17 جنوري تي ڊونيڊن، چوٿين 19 جنوري ڪرائسٽ چرچ جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 21 جنوري تي ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي.