نيلسن-20 ڊسمبر (اي پي پي)نيوزيلينڊ ٻي ون ڊي ميچ ۾ بنگلاديش کي 7 وڪيٽن تان هارائي ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي، نيوزي لينڊ جي ٽيم 292 رنسن جو گهربل هدف 46.2 اوورز ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، بنگلاديش جي سوميا سرڪار 169 رنز جي شاندار اننگز کيڏي ۽ مرد ميدان بڻيو، پر هو پنهنجي ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيو. نيلسن واري هنڌ تي کيڏيل ٽن ميچن جي سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ ۾ نيوزي لينڊ ٽيم جي ڪپتان ٽام ليٿيم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. بنگلاديشي ٽيم بيٽنگ ڪندي 49.5 اوورز ۾ 291 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ، ڪيوي ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 292 رنسن جو هدف ڏنو، جواب ۾ نيوزي لينڊ جي ٽيم گهربل هدف 46.2 اوورز ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. هنري نڪولس 95، ول ينگ 89، راچن راويندرا 45 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيا. ڪپتان ٽام ليٿيم ناقابل شڪست 34 رنسون اسڪور ڪيون. ڪيوي ٽيم ٻي ون ڊي ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي، بنگلاديش طرفان حسن محمود ٻه جڏهن ته شرفل الاسلام هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو، بنگلاديش جي سوميار کي شاندار بيٽنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.