رياض_07 ڊسمبر(اي پي پي)سعودي عرب جي شاگردن مصنوعي ذهانت جي عالمي مقابلي ۾ 11 تمغا”ميڊل“ حاصل ڪري سڄي دنيا ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪمپيٽيشن فار يوٿ (ڊبليو آءِ اي سي واءِ) ۾ آمريڪا، ڀارت، يونان، ڪنيڊا ۽ سنگاپور سميت 40 ملڪن جي 18 هزار شاگردن شرڪت ڪئي، عالمي مقابلي جو انتظام سعودي ڊيٽا اينڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس اٿارٽي سدايا ڪنگ عبدالله سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي يونيورسٽي(ڪاوسٽ) جي سهڪار سان ڪيو هو، مقابلي ۾ سعودي عرب جا 18 منصوبا ڪامياب رهيا، عالمي مقابلي جي موقعي تي سعودي شاگردن جي سرسي تي سدايا ۽ ڪاوسٽ کي عالمي سطح تي ايڪسيلينس ارگنائيزيشن ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته مصنوعي ذهانت جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ سدايا ۽ ڪاوسٽ جي ڪوششن جو اعتراف پڻ ڪيو ويو.