ڍاڪا -05 ڊسمبر (اي پي پي) بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ۽ آخري ميچ 6 ڊسمبر اڄ کان شير بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ شروع ٿيندي. ميزبان ٽيم کي نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٻن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل آهي. بنگلاديش جي ٽيم سلهٽ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مهمان نيوزيلينڊ کي 150 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري ميچ 6 کان 10 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي.