تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اي سي او ويزن 2025ع جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي تنظيم جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن، تيز تر سڌارن ۽ خطي جي واپاري صلاحيت کي اقتصادي ترقي ۾ بدلائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته خطي ۾ واپاري سرگرمين جي فروغ سان ئي ترقي ممڪن آهي، اي سي او ريجن ۾ وڌيڪ سرحدي ۽ واپاري لنگهن جي ضرورت آهي، اچو، ان کي رڳو لفظن نه قدمن، رڳو عزم نه عملدرآمد جي تنظيم بڻايون، اي سي او جا ميمبر ملڪ اسلامو فوبيا تي هڪ جهڙو موقف اختيار ڪن، غزه ۾ فوري جنگ بندي ٿيڻ گهرجي، پاڪستان غزه ۾ جاري ڏاڍ جي سخت مذمت ڪري ٿو. اي سي او جي 16 هين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي لاءِ تنظيم جي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تمام ضروري آهي، اسان جو خطو جيڪڏهن چڱي طرح ڳنڍيل آهي ته اسان جي ماڻهن جي لاءِ زبردست اقتصادي ۽ امن جا فائدا آڻي سگهي ٿو. نگران وزيراعظم جي خطاب ۾ اي سي او جي موجوده واپار ۽ حقيقي صلاحيت، غزه جي انساني صورتحال، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، اسلامو فوبيا سان گڏوگڏ علائقائي رابطن جي اي سي او جي منصوبن تي روشني وڌي وئي. هن چيو ته قدرتي وسيلن، جاگرافيائي رابطن ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال هجڻ جي باوجود اي سي او خطو پنهنجي حقيقي واپاري صلاحيت مان فائدو کڻڻ ۾ هيستائين قاصر رهيو آهي ڇو ته ان جو عالمي واپار ۾ خطي جي واپار جو حصو رڳو 2 سيڪڙو ۽ گڏيل علائقائي واپار ۾ 8 سيڪڙو حصو آهي. هن چيو ته 2022ع ۾ اي سي او ريجن جي اندر واپار دنيا سان 577 بلين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 39 بلين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ۽ انٽر ريجن ايڪسپورٽ به 46 بلين ڊالر رهيو. هن چيو ته اي سي او ويزن 2025ع جنهن کي اسلام آباد ۾ 13 هين اي سي او سربراهي اجلاس اختيار ڪيو هو، ان ۾ علائقائي واپار وڌائڻ، رابطن کي مضبوط بڻائڻ، وڏن ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز کي آپريشنل ڪرڻ ۽ توانائي جي حفاظت تي زور ڏنو ويو هو. عالمي ۽ علائقائي واپار ۾ حصو وڌائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جو مطالبو ڪندي هن غربت ۾ گهٽتائي کانسواءِ رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ ماحول دوست ۽ پائيدار پاليسيون ٺاهڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم گڏيل واپار ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان اي سي او جي لنگهن تي ٻڌل موقف جهڙوڪ ڪرغزستان – تاجڪستان – افغانستان – ايران (ڪٽائي)، اسلام آباد – تهران – استنبول (آئي ٽي آئي)، قازقستان – ترڪمانستان ۽ ايران (ڪي ٽي آئي) ۽ ٻين جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته ٺوس ٽرانسپورٽ منصوبا تعمير ۽ ترقي ۾ مدد ڪندا. هن 16 هين سربراهي اجلاس ۽ ان جي قيادت سنڀالڻ تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ اي سي او جي اڳوڻي چيئرمين کي اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ملڪي سربراهن ۽ وفدن جي اجلاس ۾ شرڪت تي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جي نمائندگي منهنجي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي. تاشقند جهڙي تاريخي شهر ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس تمام اهم آهي. هن ازبڪستان جي حڪومت ۽ قيادت پاران پاڪستاني وفد جي پرجوش مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته آئون آذربائيجان کي 27 هين وزيرن جي ڪانفرنس تي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو جيڪا 10 آڪٽوبر 2023ع تي منعقد ٿي. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ اي سي او جي واپار، رابطن ۾ اضافي ۽ خطي ۾ انرجي سيڪيورٽي جي فروغ لاءِ گائيڊ لائينز فراهم ڪيون ويون. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ڪيل فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن اسلامي جمهوريه ايران کي 2024ع جي لاءِ اي سي او جي صدارت سنڀالڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ايندڙ وقت ۾ اي سي او جي ميمبر ملڪن کانسواءِ خطي جي ٻين ملڪن سان اقتصادي رابطن کي فروغ ملندو. هن ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ته پاڪستان ايران جي هر طرح ممڪن معاونت ڪندو. هن آگسٽ 2024ع ۾ عهدو ڇڏيندڙ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل خسرو ڪوزيروف جي خدمتن جو اعتراف ڪندي چيو ته سندس قيادت ۾ تنظيم جي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ خاطرخواهه قدم کنيا ويا. هن چيو ته ايندڙ سيڪريٽري جنرل پاڪستان مان آهي. مون کي اميد آهي ته سمورا ميمبر ملڪ سيڪريٽري جنرل سان تعاون کي وڌيڪ ضبوط بڻائيندا ته جيئن اي سي او جا هدف ۽ مقصد حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته 2025ع ۾ اي سي او ريجن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ 13 هين اسلام آباد سمٽ جو پڌرنامو تمام اهم آهي جيڪو خطن جي گڏيل واپار جي فروغ لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿو جنهن سان علائقائي رابطن جي استحڪام، اي سي او ٽرانسپورٽ لنگهه ۽ انرجي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته عالمي واپار ۾ پنهنجو حصو وڌائڻ جي لاءِ اسان کي غور ڪرڻو پوندو ته جيئن بهتر چٽاڀيٽي عمل جي ذريعي واپار ۽ اي سي او ميمبر ملڪن ۾ بنيادي ڍانچي کي ترقي ڏئي سگهجي. انوارالحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته ريجن ۾ پائيدار موسمياتي پاليسيز جي ذريعي اسان غربت ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا. جن ملڪن غربت ۾ گهٽتائي ڪئي آهي اسان کي انهن جي تجربن مان سکڻو پوندو ۽ خطي جي واپاري رابطن جي فروغ سان گهٽ وقت ۾ غربت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان سڀ واپار جي اهميت کان واقف آهيون ۽ ٺوس مواصلاتي نظام، ٽرانسپورٽ واپار کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اي سي او پاران لنگهه تي ٻڌل سوچ کي اختيار ڪري اسان پنهنجي وسيلن ۽ صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي سگهون ٿا. هن چيو ته صحيح رخ ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ فريم ورڪ ايگريمينٽ سان گڏوگڏ ٽي ٽي ايف ايز جي ذريعي لنگهه جي هدفن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته خطي جي ملڪن جي وچ ۾ لنگهه جي ذريعي ميمبر ملڪن جي گڏيل رابطن کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو جنهن سان ريجن جي معاشي ترقي ۾ نمايان اضافو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته استنبول، تهران پاڪستان لنگهه کي ٻيهر آپريشنل بڻائڻ تمام وڏي ڊيولپمينٽ آهي. ان جي جلد کان جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان پنهنجي روڊ ۽ ريل جي نيٽ ورڪس جي بنيادي ڍانچي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي ته جيئن پاڙيسري ملڪن سان گڏوگڏ ٻين ملڪن سان واپار کي فروغ ڏئي سگهجي. وڌيڪ اهو ته گڏيل علائقائي رابطن جي فروغ جي لاءِ ضروري آهي ته سرحدن تي وڌيڪ بارڊر ڪراسنگ پوائنٽس ٺاهيا وڃن جنهن سان واپار ۾ سهولت ۽ فروغ ملندو. نگران وزيراعظم چيو ته مٿي ڄاڻايل منصوبن جي ڪاميابي سان خطي ۾ ٻين لنگهن سان ڳنڍجڻ ۾ مدد ملندي. سڀ کان اهم اسان نجي شعبي جي ڪاروباري سگهه ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ ڏئي سگهنداسين. هن چيو ته ايس سي او ٽريڊ معاهدي کي پاڪستان انتهائي اهميت ڏي ٿو جنهن تي جلد کان جلد عملدرآمد جي ضرورت آهي. اسان سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڏيون ٿا ته اهي معاهدي ۽ ڪوٽا تي جلد کان جلد صحيحون ڪن ته جيئن علائقائي واپار کي وڌايو وڃي. هن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ ڏني ويندڙ سهولتن تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان حڪومت اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جوڙي آهي جيڪا مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ معاونت جي لاءِ سنگل ونڊو آپريشن تحت ڪم ڪري رهي آهي. زراعت، دفاعي پيداوار، آءِ ٽي، انرجي ۽ کاڻين جي کوٽائي جهڙن پنج اهم شعبن سميت ٻين شعبن ۾ سهولت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم آفيس جي سربراهي ۾ رياست جي سمورن ادارن ۽ کاتن کي ايس آئي ايف سي تحت هڪ ڇت جي هيٺ آندو ويو آهي. تنظيم اي گورننس ۽ پاليسي سازي ۽ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ٿي. هن چيو ته اسان سڀ ان ڳالهه کان چڱي ريت آگاهه آهيون ته علائقائي رابطن جي حوالي سان افغانستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪاسا – 1000 ٽرانس افغان ريلوي ۽ تاپي سميت ٻين منصوبن ۾ افغانستان جو ڪردار بنيادي آهي. اقتصادي منصوبن سان گڏوگڏ گڏيل مستقبل جي اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري ۾ پڻ افغانستان جو ڪردار اهم هوندو. هن چيو ته پاڪستان اي سي او جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي پرامن، خوشحال ۽ ٻين ملڪن سان ڳنڍيل افغانستان جي ڪردار کي يقيني بڻائي سگهجي. پنهنجي خطاب ۾ انوارالحق ڪاڪڙ غزه جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته اي سي او جا سمورا ميمبر ملڪ غزه ۾ جنگ بندي، انساني امداد جي فراهمي ۽ اسرائيل کي قابل مواخذو بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته غزه ۾ تمام وڏو انساني الميو پيدا ٿيو آهي، اسرائيلي فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري جي ڪاررواين جي عالمي سطح تي مذمت جي ضرورت آهي. ان مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته غزه ۾ جهڙي طرح عورتن ۽ ٻارن کي قتل ۽ اسپتالن کي هدف بڻايو پيو وڃي ان سان حضرت موسيٰ عليه السلام جي پيدائش کان اڳ واري صورتحال ياد اچي ٿي جڏهن فرعون ٻارن کي قتل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، بدقسمتي سان اهي ماڻهو جيڪي حضرت موسيٰ عليه السلام جي پيروي ڪرڻ جا دعويدار آهن اهي فرعون جي نقش قدم تي گامزن آهن. پاڪستان ان جي شديد مذمت ڪري ٿو، اسان کي فوري طور تي تشدد جي خاتمي ۽ انساني لنگهه کولڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن معصوم ۽ لاچار فلسطينين کي امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. نگران وزيراعظم چيو ته اي سي او جا سمورا ميمبر ملڪ غزه ۾ جنگ بندي، انساني امداد جي فراهمي ۽ اسرائيل کي قابل مواخذو بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. انوارالحق ڪاڪڙ غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام جي صورتحال تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان اي سي او جي سمورن ميمبر ملڪن مان اميد ڪري ٿو ته پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ ۽ مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن موجب مسئلي جي حل لاءِ ڪشميرين جو ساٿ ڏيندا. هن چيو ته وڌندڙ عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ مذهب جي بنياد تي تشدد ۾ اضافي سان خطي کي سنگين خطرا درپيش آهن جنهن تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته اي سي او جا ميمبر ملڪ ۽ عالمي برادري گڏجي سياسي ۽ قانوني حل جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اسلامو فوبيا جي خاتمي، بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ وقت جي اهم ضرورت آهي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان اي سي او جي قائم ٿيڻ جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ اي سي او جي ويزن 2025ع تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اچو سڀ گڏجي اي سي او رڳو معاهدن تائين محدود ڪرڻ بدران ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايون. هن چيو ته سڀني جو گڏجي ڪم ڪرڻ اسان جي لاءِ تمام اهم آهي ته جيئن اسان تنظيم جي مقصدن کي حاصل ڪري سگهون. ان حوالي سان اي سي او کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ سڌارا بنيادي اهميت رکن ٿا. گڏيل ٺوس خطو اسان جي عوام جي لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي سگهي ٿو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جون ٺوس ڪوششون تنظيم جي حقيقي صلاحيت مان فائدو کڻڻ کي يقيني بڻائي سگهن ٿيون.