بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ڪينيا جي صدر ڊاڪٽر وليم روٽو واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ ماڻهن جي رابطن جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيا جي صدر ڊاڪٽر وليم روٽو بيجنگ ۾ منعقد ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن جي پاڪستان ۽ ڪينيا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر ڊاڪٽر وليم روٽو اقتصادي تعاون کي فروغ ڏئي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر ٽي) جو حصيداري ميمبر هجڻ جي ناطي پاڪستان ان منصوبي جي ٻين ميمبر ملڪن بشمول ڪينيا سان وڌيڪ ترقياتي منصوبن ۽ قدمن تي تعاون جو خواهشمند آهي. اهو پاڪستان جي حصيدار ترقي جي لاءِ ڪوششن ۽ خطي جي خوشحالي جي لاءِ تعاون جي خواهش جو مظهر آهي. ڊاڪٽر وليم روٽو ڪينيا پاران پاڪستان جي زرعي ۽ صحت جي شعبي ۾ تجربي مان فائدو کڻڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم ڪينيا جي صدر کي پاڪستاني صحافي ارشد شريف شهيد جي قتل تي ٺهندڙ خصوصي جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم کي پنهنجي رپورٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. نگران وزيراعظم ڪينيا جي صدر کي جلد پاڪستان جڏهن ته ڪينيا جي صدر نگران وزيراعظم کي ڪينيا جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي ٻنهي اڳواڻن قبول ڪري ورتو.