بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي ناليواري ٿنڪ ٽينڪ ”گرينڊ ويو انسٽيٽيوشن“ جي صدر رينليبو ملاقات ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انوارالحق ڪاڪڙ ٻڌايو ته ملاقات ۾ گڏيل مقصدن ۽ مستقبل جي ويزن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ چيني ٿنڪ ٽينڪ جي ڪوششن کي ساراهيندي گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.