بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي جنهن پاڪستان جو هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب چين جي دوري ۾ نگران وزيراعظم سان گرينڊ ويو انسٽيٽيوٽ جي صدر رين – ليبو بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي جنهن پاڪستان جو هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم ۽ تحقيق جي شعبي ۾ تعاون کي خوش آئنده قرار ڏنو. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان چين سان زندگي جي هر شعبي ۾ مٽاسٽا کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل مٽاسٽا سان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي.