جده_13آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي گولڊ مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ معمولي اضافو ريڪاڊ ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب سعودي گولڊ مارڪيٽ ۾ 24 قيراط هڪ گرام سون جو اگهه 226.28 ريال، 22 قيراط هڪ گرام 207.42 ۽ 18 قيراط هڪ گرام سون 169.71 ريال ۾ وڪرو ٿيو جڏهن ته 21 قيراط هڪ گرام سون 197.99 ريال ۾ وڪرو ٿيو، گولڊ مارڪيٽ ۾ 14 قيراط هڪ گرام سون 131.99 ريال رهيو، گولڊ مارڪيٽ ۾ هڪ ڪلو سون جو اگهه 2 لک 35 هزار 331.20ريال ۾ دستياب رهيو.