هينگزو-05 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي شهر هينگزو ۾ جاري 19 هين ايشين گيمز ۾ ڪرڪيٽ جي مردن جي ايونٽ جا سيمي فائنل اڄ جمعو 06 آڪٽوبر تي کيڏيا ويندا جڏهن ته 07 آڪٽوبر تي فائنل کيڏيو ويندو . ڪاله ٿيل ميچن بعد سيمي فائنل لائين اپ مڪمل ٿي چڪو آهي. ڀارت ۽ بنگلاديش جون ٽيمون پهرين سيمي فائينل ۾ مقابلو ڪنديون اهڙيءَ ريت پاڪستان ۽ افغانستان جون ٽيمون ٻئي سيمي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿينديون. جڏهن ته ٽئين نمبر ۽ فائنل جو مقابلو 07 آڪٽوبر تي ٿيندو. ان کان اڳ پهرين ڪوارٽر فائينل ۾ ڀارت نيپال کي 23 رنسن تان شڪست ڏني هئي ۽ ٻئي ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ پاڪستان هانگ ڪانگ جي ٽيم کي 68 رنسن تان شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ جاءِ ٺاهي جڏهن ته ٽئين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ افعانستان جي ٽيم سريلنڪا جي ٽيم کي 08 رنسن تان شڪست ڏئي ٽاپ فور ۾ جاءِ ٺاهي جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم ملائيشيا جي ٽيم کي 02 رنسن تان هارائي سيمي فائنل لاءِ ڪوائيفاءِ ڪيو هو. ايونٽ ۾ 14 ٽيمن حصو ورتو آهي جن ۾ پاڪستان، ڀارت، نيپال، هانگ ڪانگ، افغانستان، سريلنڪا، بنگلاديش، ملائيشيا، ٿائلينڊ، جاپان، مالديپ، سنگاپور، ڪمبوڊيا ۽ منگوليا شامل آهن.