گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڀارت 1974ع ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ ايٽمي تجربو ڪري ايٽمي هٿيارن کي متعارف ڪرائڻ جو ذميوار آهي ۽ ان ڀارتي قدم پاڪستان کي اسٽريٽجڪ استحڪام بحال ڪرڻ ۽ جارحيت کي روڪڻ لاءِ پيروي تي مجبور ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ايٽمي هٿيارن جي مڪمل خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب دوران ڀارت جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ جوهري هٿيارن کي متعارف ڪرائڻ جو سهرو 1974ع ۾ صرف هڪ رياست ڏانهن وڃي ٿو. انهي رياست 1998ع ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ ايٽمي هٿيارن جا ڌماڪا به شروع ڪيا هئا. هن چيو ته پاڪستان کي اسٽريٽجڪ استحڪام بحال ڪرڻ ۽ ملڪ جي جارحيت کي روڪڻ لاءِ ان جي پيروي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڏکڻ ايشيا ايٽمي تجربن کانپوءِ پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ اسٽريٽجڪ ريسٽرينٽ رجيم (ايس آر آر) جي قيام جي تجويز پيش ڪئي. جنهن جي بنياد تي تڪرارن جي حل، ايٽمي هٿيارن ۽ ميزائل تي ڪنٽرول ۽ روايتي هٿيارن جي توازن تي ٿيندي. هن ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو سمورين رياستن لاءِ هٿيار سڀ کان گهٽ امڪاني سطح تي هڪ عالمگير، قابل تصديق ۽ برابر طريقن سان حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائيندي حاصل ڪيو ويندو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته هي تجويز غور هيٺ آهي، پاڪستان جي سيڪيورٽي پاليسي جو بنياد تحمل، ذميواري ۽ خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ کان پاسو ڪرڻ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان هٿيارن جي خاتمي ۽ ايٽمي عدم پکيڙ جي چئلينجن جي منصفاڻي ۽ هڪجهڙي حل کي هٿي ڏيڻ جي سمورين عالمي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته عالمي اصولن کي لاڳو ڪرڻ موجب اڻبرابري وارو موقف، ٻٽو معيار ۽ چونڊ عمل نه رڳو عالمي هٿيارن جي خاتمي جي ڪوششن کي ڪمزور ڪري ٿو پر هي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي اصولن تي ٻڌل عدم پکيڙ جي نظام ۽ عالمي نظام کي به نقصان پهچائين ٿا، پاڪستاني نمائندي يوڪرين ۽ سڄي دنيا ۾ 50 ٻين هنڌن تي وڌندڙ تڪرارن ۽ ڪيترن ئي عالمي چئلينجز جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻن طاقتور ترين رياستن وچ ۾ تڪرار ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، اسان ايٽمي ڇڪتاڻ جي خطري جي باوجود فوجي بلاڪس ۾ توسيع، هٿيارن جي هڪ جامع ڊوڙ، ڊگهي عرصي کان جاري هٿيارن جي ڪنٽرول جي معاهدن جي خاتمي، جديد روايتي ۽ اسٽريٽجڪ هٿيارن جي ترقي ۽ تنصيب جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ وڏن ايٽمي هٿيارن جي جديدڪاري به شامل آهي. هن خبردار ڪيو ته 1962ع ۾ ڪيوبا جي ميزائل بحران کانپوءِ ايٽمي جنگ جو خطرو اڄ سڀ کان وڌيڪ آهي، هي تقريب ان وقت منعقد ڪئي وئي جڏهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هال ۾ اعليٰ سطحي سالياني مباحثي جي پڄاڻي ٿي. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو ته ايٽمي هٿيارن جو ڪو به استعمال هڪ تباهي آڻيندڙ انساني بحران کي جنم ڏيندو، هن چيو ته امن جي نئين ايجنڊا ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.