هانگ زو-27 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي شهر هانگ زو ۾ جاري 19 هين ايشين گيمز ۾ هاڪي جي ايونٽ ۾ وڌيڪ 6 ميچن جو فيصلو اڄ خميس تي ٿيندو. پاڪستان پنهنجي گروپ جون ٽيون ميچ ازبڪستان خلاف اڄ خميس تي ئي کيڏيندو. 3 ميچ گروپ اي جڏهن ته ٽي ميچز گروپ بي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيا ويندا. هاڪي جي ايونٽ ۾ اڄ گروپ اي جو پهريون ميچ پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ کيڏيو ويندو، ٻيو ميچ بنگلاديش ۽ سنگاپور وچ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٽيون ميچ جاپان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو، گروپ اي جي پوائنٽس ٽيبل تي تربتيوار ڀارت، جاپان ۽ پاڪستان جي ٽيمن جا 6، 6 پوائنٽس آهن. ان کان اڳ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ سنگاپور کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 11 گولن کان هارايو هو جڏهن ته ٻي ميچ ۾ بنگلاديش جي ٻه جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان شڪست ڏني هئي.