اسلام آباد_ 27 سيپٽمبر(اي پي پي) ڪوڏي ڪوڏي ۽ بيڊمنٽن جا رانديگر ايشين گيمز ۾ شرڪت لاءِ (اڄ) خميس تي چين روانا ٿيندا، پاڪستان ڪوڏي ڪوڏي فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل محمد سرور رانا چيو ته ايشين گيمز ۾ ڪوڏي ڪوڏي ايونٽ جي ڊراز جو اعلان ڪالهه ڪيو ويو، چين جي شهر هانگ زو ۾ جاري 19 هين ايشين گيمز ۾ پاڪستان جا رانديگر 24 مقابلن ۾ حصو وٺندا.