اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ (پي سي آئي) جي حصيداري سان ملڪ گير فوٽوگرافي مقابلي جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) تحت پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ”ملڪ گير بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پراجيڪٽس فوٽوگرافي مقابلي“ جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي سربراهه مصطفيٰ سيد کانسواءِ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل/ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آئي او) محمد عاصم کچي، ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ عنبرين جان، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پي آئي ڊي رئيسه عادل ۽ اطلاعات واري وزارت ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ظهور احمد فوٽوگرافي مقابلو شروع ڪرڻ ۽ تجويز ڪرڻ تي پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سي پيڪ ۽ بي آر آئي منصوبن کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ اهو مقابلو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ويجهي ۽ گهرن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ ۽ بامقصد چين پاڪستان حصيداري جي قدر ڪري ٿو جنهن تحت رستن جي بنيادي ڍانچي، ريلوي ۽ توانائي سميت ڪيترائي اهم منصوبا گڏيل فائدي جي لاءِ مڪمل ڪيا ويا. اطلاعات واري سيڪريٽري پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو ۽ وزارت جي لاڳاپيل ادارن بشمول پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، اي پي پي، پي آئي ڊي، اي پي ونگ، آئي پي ونگ، ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا پبلي ڪيشنز ۽ ٻين کي هدات ڪئي ته اهي پنهنجي ملٽي ميڊيا پليٽ فارمز تي ان تصويري مقابلي کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪن. پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي سربراهه مصطفيٰ سيد اجلاس کي ملڪ گير تصويري مقابلي جي مقصدن، طريقيڪار ۽ ٽائيم لائين کان آگاهه ڪيو. ٽائيم لائين موجب ”انفراسٽرڪچر اينڊ ڊيولپمينٽ، پيپلز اينڊ اسٽوريز ۽ انوائرمنٽل اپيڪٽ“ جي ڪيٽيگريز ۾ پاڪستان ۾ سي پيڪ ۽ بي آر آئي منصوبن بابت تصويرون 7 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيُون جڏهن ته 8 آڪٽوبر کان 9 آڪٽوبر تائين ناليواري فوٽوگرافرن، فنڪارن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن تي ٻڌل پينل پاران حتمي فيصلي کانپوءِ مقابلي جي ڪامياب ٿيندڙن جو اعلان 10 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي حصيداري سان انعام ورهائڻ واري تقريب ۽ نمائش 12 آڪٽوبر 2023ع تي منعقد ٿيندي جنهن ۾ ناليواريون شخصيتون، عملدار ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهو شرڪت ڪندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ هڪ غيرسرڪاري، غيرجانبدار ۽ غيرسياسي ٿنڪ ٽينڪ آهي جيڪا پاڪستان ۽ چين جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي۔ پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ ايوارڊز کٽيندڙن جي لاءِ چين جي دوري جو پڻ اهتمام ڪندو.