برسٽل -25 سيپٽمبر (اي پي پي) انگلينڊ ۽ آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ اڄ اڱاري تي ڪائونٽي گرائونڊ برسٽل ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. انگلينڊ کي آئرلينڊ خلاف 3 ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. ٽن ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ برسات جي ور چڙهي وئي هئي جڏهن ته ٻي ميچ ۾ انگلينڊ ٽيم مهمان ٽيم آئرلينڊ کي 48 رنسن تان شڪست ڏني هئي.