واشنگٽن_15 سيپٽمبر(اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته روس جو اسان جي ٻن سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرن غير قانوني آهي ۽ آمريڪا پاران ان جو جواب ڏنو ويندو،آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته روس پاران اسان جي ٻن سفارتي ملازمن کي بنا ڪنهن سبب جي ملڪ بدر ڪيو ويو آهي، روس ۾ آمريڪي سفارتخاني جي هڪ اهلڪار پرڏيهي خابروا داري کي ڏنل بيان ۾ چيو ته آمريڪا روس کي ٻن سفارتخان جي بي دخلي جو جواب ڏيندو، ذريعن موجب آمريڪا انهن الزامن کي مڪمل طور تي رد ڪيو آهي جن جي بنياد تي ماسڪو م آمريڪي سفارتخاني جي بن ملازمن ۾ ناپسنديده شخصيت قرار ڏنو ويو هو. واصع رهي ته روسي عملدارن موجب ٻن آمريڪي سفارتڪار اڳوڻي روسي ملازم لاءِ رابطا ايجنٽ هئا.