ڪولمبو -11 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 16 هين ايڊيشن جي سخت مقابلن جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي ميزباني پاڪستان ۽ سريلنڪا ڪري رهيا آهن. ٽورنامينٽ جي سپر فور مرحلي جي چوٿين ميچ ڀارت ۽ ميزبان دفاعي چيمپيئن سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ اڄ اڱاري تي آرپريماداسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق ڏينهن جو 2 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي، سريلنڪا جي ٽيم جي اڳواڻي داسن شانا ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ڀارتي ٽيم جي قيادت روهيت شرما ڪندو.