اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت بجلي چورن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کڻندي، بجلي جون رهتون نه ڏيندڙن جي خلاف صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي فوري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، رهتون نه ڏيندڙن ۽ بجلي چورن جي خلاف ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڪئي وڃي، ننڍي هائيڊل منصوبن جي لاءِ ماهرن جي رهنمائي ۾منصوبا ٺاهي پيش ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بجلي جي شعبي جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي بجلي جي شعبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ملڪ ۾ بجلي جي مجموعي پيداواري صلاحيت، اصل پيداوار ۽ مختلف موسمن ۾ بجلي جي مجموعي پهچ بابت اگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي بجلي جي پيداوار ۾ مختلف ذريعن جي استعمال جي حوالي سان پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت بجلي چورن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کڻندي، بجلي جي ايندڙ پيداواري منصوبن ۾ قابل تجديد ۽ هائيڊل ذريعن کي ترجيح ڏني وڃي. هن هدايت ڪئي ته ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نقصانن ۾ گهٽتائي جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، ٽرانسفارمر ميٽرنگ جو منصوبو لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي، بجلي جون رهتون نه ڏيندڙن جي خلاف صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي فوري طور تي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، بجلي جي رهتون نه ڏيندڙن ۽ بجلي چون جي خلاف ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ننڍي هائيڊل منصوبن جي لاءِ ماهرن جي رهنمائي ۾ منصوبا ٺاهي پيش ڪيا وڃن، اهڙا منصوبا نه رڳو گهٽ لاڳت بجلي پيدا ڪندا پر موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. نگران وزيراعظم چيو ته ڪوئلي سان بجلي ٺاهڻ جي منصوبن ۾ مهانگي درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي کي ترجيح ڏني وڃي، 2400 ميگاواٽ جي شمسي توانائي جي منصوبن جي تعمير تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪيو وڃي ۽ ان پوري عمل ۾ شفافيت يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته حڪومت بجلي جي شعبي جو گردشي قرض گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اجلاس کي ملڪ ۾ بجلي جي انرجي مارڪيٽ قائم ڪرڻ تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انرجي مارڪيٽ قائم ڪرڻ سان بجلي جي شعبي جي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي ۾ موثر اضافو ٿيندو جنهن سان 2 ڪروڙ 70 لک گهريلو صارفين کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان پاور ڊويزن جي گهڻي ڪارروائي مڪمل آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي شعبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي بجلي جي مجموعي پيداواري صلاحيت، سڄي سال ۾ پيداوار ۽ پهچ ۽ ان جي لاءِ استعمال ٿيندڙ انرجي مڪس بابت ٻڌايو ويو. اجلاس کي سڄي ملڪ ۾ بجلي نظام جي نقصانن ۽ وصول نه ٿيندڙ رقم تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ وصولين جي نقصانن، بجلي چوري جا پڻ انگ اکر پيش ڪيا ويا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي چوري ڪندڙ عنصرن جي خلاف فوري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ۽ ان تي اڳڀرائي تي روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.