اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان معاون فائونڊيشن جي چيئرمين ايڊمرل (ر) محمد آصف سنڌيلا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ محمد آصف سنڌيلا انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ محمد آصف سنڌيلا جي قيادت ۾ معاون فائونڊيشن جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ نظرانداز طبقن جي ڀلائي لاءِ خدمتن کي ساراهيو.