اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گوادر ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ وطن جي لاءِ خدمتن تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي انهن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.