اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏئي حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ منصوبن ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي ضرورت آهي، بنيادي ڍانچي جي ترقي سان رابطي ۾ بهتري ايندي ۽ قومي اتحاد مضبوط ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري نگران وفاقي وزير سميع سعيد، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پلانگن ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين محمد جهانزيب ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ملڪ جي ترقي ۾ حڪومتي ۽ نجي شعبي جي حصيداري کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏنو ۽ چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏئي حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته موٽرويز ۽ رستن جي تعمير جي حوالي سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ سان رابطن ۾ بهتري ايندي جنهن سان قومي اتحاد وڌيڪ مضبوط ٿيندو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ جي اولهندي علائقن کي اوڀر علائقن تائين بهتر پهچ ڏيڻ جي حوالي سان ايسٽ ويسٽ ڪنيڪٽيوٽي جي حوالي سان ٺوس پلان پيش ڪيو وڃي. هن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گذريل ٻن سالن ۾ 646 ارب رپين جا پروجيڪٽس شروع ڪيا ويا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي منظور ٿيل پروجيڪٽس جي ذريعي حڪومت سبسڊيز جي حوالي سان 150 ارب رپين جي سڌوسنئون بچت ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي منصوبن ۾ سيالڪوٽ – کاريان موٽروي، سکر – حيدرآباد موٽروي، کاريان – راولپنڊي موٽروي، ڪراچي سرڪلر ريلويز ۽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ سرفهرست آهن. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي حوالي سان صحت، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ برآمدي شعبا ترجيحن ۾ شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي حڪومتي ۽ نجي سيڪٽرز پارٽنرشپ جي حوالي سان آگاهي وڌائڻ، تربيتي پروگرامز ۽ صلاحيت وڌائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.