اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنون جي علائقي جاني خيل ۾ فوجي قافلي تي ٿيندڙ خودڪش حملي جي شديد مذمت ڪندي حملي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پنهنجي مذمتي بيان ۾ صدر دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رهنديون. هن شهيدن کي وطن جي خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي انهن جي صبر جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.