اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ماضي ۾ به وڏي پئماني تي ٻاهرئين ملڪ لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي، اسان جي آبادي 24 کان 25 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، اقتصادي لڏپلاڻ هڪ عالمي عمل آهي، ان کي منفي طور تي پيش نه ڪرڻ گهرجي، 70ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ اسرائيل ۾ ناڻي واڌ جي شرح هڪ هزار سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن اهڙي طرح جي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اسان پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ آڻي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهون ٿا، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، دفاعي پيداوار ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن، سيڙپڪاري جي لاءِ منصوبو تيار ڪرڻو پوندو، ٽيڪس اوڳاڙي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، اقتصادي موقعن جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ منتقلي کي منفي نه سمجهڻ گهرجي، ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي، پاڪستان مان ويندڙ پاڪستان جو اثاثو ثابت ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين ۽ اينڪرز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت سوالن جو جواب ڏيندي چيو ته نگران حڪومت آئين تحت هڪ اهڙي وقت ۾ اقتدار سنڀاليو آهي جڏهن ملڪ کي معاشي چئلينجز درپيش آهن. نگران ڪابينا ۾ پنهنجي پنهنجي شعبن جا ماهر موجود آهن. ان جو مقصد اهو آهي ته مختلف شعبن ۾ جيڪي چئلينجز درپيش آهن انهن کي منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته رياست جي بنياد تي هڪ اقتصادي تصويرڪشي ڪئي وئي. هن سوال ڪيو ته ڇا واقعي پاڪستان اهڙي صورتحال جو شڪار آهي جنهن ۾ اسان جي سامهون ڪي به موقعا نه آهن ۽ خُدا نه ڪري اسان ڪنهن ناڪامي طرف وڌي رهيا آهيون؟ وزيراعظم چيو ته 70ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ اسرائيل ۾ ناڻي واڌ جي شرح هڪ هزار سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن اهڙي طرح جي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي. اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو گڏجي ويهن ٿا ۽ موقعن جو جائزو وٺي صورتحال مان نڪرڻ جا ذريعا ڳولين ٿا. هر ملڪ ۽ قوم جون مشڪلاتون مختلف نوعيت جون هونديون آهن. تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ ڪجهه اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. انهن شعبن ۾ اسان جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. انهن شعبن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، زراعت ۽ دفاعي پيداوار شامل آهي. بلوچستان ۾ چاغي ويجهو 5 ٽريلين يو ايس ڊالر جا معدني ذخيرا موجود آهن. انهن تي ڪم شروع ڪرڻ جي لاءِ دوست ملڪن سان ڳالهه ٻولهه حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن کانپوءِ ان تي ڪم شروع ٿي سگهي ٿو. چلي، ڪئناڊا، آسٽريليا سميت مختلف ملڪن پنهنجي معدني وسيلن کي استعمال ۾ آڻي ترقي ڪئي آهي. انتهائي شفاف طريقي سان اسان پنهنجي معدني وسيلن کي استعمال ۾ آڻي ترقي ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته زراعت ۾ قديم طريقا استعمال ٿي رهيا آهن. اسان وٽ وسيع زمين ۽ پاڻي وسيلا موجود آهن جن کي استعمال ۾ آڻي تمام وڏي آبادي جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. ملڪ ۾ ماڊل فارمز قائم ڪرڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. آءِ ٽي، ميڊيڪل ٽوئرازم ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ پڻ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته انهن سمورن موقعن کي سامهون رکندي غور ڪري سگهجي ٿو ته ڇا پاڪستان جو مستقبل روشن يا اونداهو آهي؟ پر پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ اسان کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو. بجلي بلن ۾ ريليف جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايف بي آر جون اوڳاڙيون جمع ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاور سيڪٽر مان ان ڊائريڪٽ ٽيڪسز جمع ڪيا پيا وڃن. ٽيڪس اوڳاڙي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ماضي ۾ اسان وڏيون وڏيون دعوائون ٻڌيون، ڪنهن هڪ قسم جي رياست ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪنهن ٻئي قسم جي، پر ٽيڪس اوڳاڙي جي نظام ۾ بهتري ته پري ان سلسلي ۾ شروعات به نه ٿي سگهي. دنيا ۾ جيتريون وڏيون وڏيون سلطنتون گذريون آهن اهي ٽيڪس وصول ڪرڻ جي صلاحيت جي بنياد تي ئي مضبوط ٿيون آهن. اسان جي مجموعي قومي پيداوار جي تناسب سان ٽيڪس اوڳاڙي جي شرح تمام گهٽ آهي جنهن جي ڪري اسان عوام جي ڀلائي جي لاءِ وڌيڪ خرچ نه ڪري سگهياسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ايندڙ 3 کان 5 سالن دوران 60 کان 70 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اميد ڪئي پئي وڃي ۽ ايتري ئي وڌيڪ سيرپڪاري پڻ متوقع آهي. اسان کي مختلف شعبن ۾ منصوبا تيار ڪري انهن جي لاءِ سيڙپڪاري آڻڻي آهي. ايس آئي ايف سي جي ويب سائيٽ تي ان حوالي سان ڪافي معلومات دستياب آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. انهن موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ جيڪو ماڊل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان انهي طرف وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجون آئيني ذميواريون پوري ڪندي. چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ان کان اڳ به وڏي پئماني تي ٻاهرئين ملڪ لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي. اسان جي آبادي 24 کان 25 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ افرادي قوت کي کپائڻ جا موقعا موجود آهن ۽ ماڻهو انهن موقعن مان فائدو کڻڻ چاهين ٿا. اقتصادي لڏپلاڻ هڪ عالمي عمل آهي. پاڪستان ۾ اهڙي ڪا صورتحال نه آهي ته مختلف شعبن جا ماهر دستياب نه هجن. صورتحال کي منفي طور تي پيش نه ڪرڻ گهرجي. ٻاهرئين ملڪ موجود پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن ۽ جيڪي اڄ ٻين ملڪن ۾ وڃي رهيا آهن اهي مستقبل ۾ اسان جي لاءِ اثاثو ثابت ٿيندا ۽ پنهنجو سرمايو ۽ صلاحيتون پاڪستان جي لاءِ استعمال ۾ آڻيندا.