اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني کي سندس ٻي ورسيءَ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ظلم ۽ ڏاڍ سهڻ جي باوجود ڪشمير ڪاز سان ڳانڍاپو بي مثال هو. هن چيو ته آئون آزادي ۽ انصاف جي لاءِ سيد علي گيلاني جي سڄي زندگي جي جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو.