اسلام آباد-30 آگسٽ (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي وفاقي تعليم کاتي جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن جي 300 متاثر ڊيلي ويجز استادن کي ٻيهر پنهنجي نوڪرين تي بحال ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڊيلي ويجز استادن جي معاملي تي هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن جو فيصلو اچڻ تائين استادن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجو تدريسي ڪم سرانجام ڏيندا رهن. هن چيو ته اهو فيصلو تعليم واري سيڪريٽريءَ سان مشاورت کان پوءِ ڪيو ويو آهي. اهي استاد جيڪي گذريل 15-15 سالن کان وفاقي تعليم کاتي جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن ۾ ڊيلي ويجز تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا، انهن کي ملازمتن مان ڪڍيو ويو هو. وفاقي وزير استادن جي وفد سان ملاقات جي موقعي تي ان معاملي جي حل لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي. 5 رڪني ڪميٽي قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر جي سربراهيءَ ۾ جوڙي وئي آهي.