اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفد جا ٿورا مڃيا. وفد ۾ سينيٽر احمد خان، حاجي محمد اسماعيل ۽ راجا عبدالرحيم شامل هئا.