اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بي بي سي نيوز جي سائوٿ ايشيا جي بيورو چيف جيڪي مارٽينز ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن وزيراعظم کي پاڪستان ۾ بي بي سي جي موجوده نيٽ ورڪ ۾ توسيع بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي پڻ موجود هئا.