منيلا-24 آگسٽ (اي پي پي) ضروري شين جي قيمتن ۾ وڏي اضافي جي بحران ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي جي ملڪن ۾ لکين ماڻهن کي انتهائي غربت ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا جي ڊگهن اثرن ۽ ضروري شين جي قيمتن ۾ وڏي اضافي جي بحران هن خطي جي ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي، ڪي انڊيڪيٽرز فار ايشيا اينڊ دي پيسفڪ 2023ع جي عنوان سان جاري رپورٽ موجب 2022ع تائين خطي جي اسرندڙ ملڪن ۾ هڪ اندازي موجب 15 ڪروڙ 52 لک ماڻهو جيڪي خطي جي 3.9 سيڪڙو آبادي جي برابر آهي، انتهائي غربت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا، اسرندڙ ايشيا ۾ جاپان، آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ کانسواءِ ايشيا پيسفڪ جون 46 معيشتون شامل آهن، رپورٽ ۾ 2017ع جي قيمتن جي بنياد تي 2.15 آمريڪي ڊالر روزاني کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي انتهائي غربت ۾ زندگي گذارڻ وارو تصور ڪيو ويو آهي، پر 2017ع کانپوءِ هن وقت تائين ضروري شين جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي چڪو آهي، تمام گهڻن ملڪن ۾ ناڻي واڌ گذريل سال ڪيترن ئي سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي جنهن سان تقريبن هر ماڻهو متاثر ٿيو آهي پر مهانگائي ۾ تيزي سان اضافي سان غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اهي خوراڪ ۽ ٻارڻ جهڙين ضرورتن جون وڌيڪ قيمتون ادا ڪرڻ جي قابل ناهن. ان بحران سبب عورتون خاص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيون آهن ڇاڪاڻ ته عمومي طور تي انهن جي آمدني مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي چيف اڪانومسٽ البرٽ پارڪ غريبن لاءِ سماجي تحفظ جي قدمن کي بهتر ڪرڻ ۽ روزگار لاءِ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته مهانگائي ۾ اضافي جو بحران گڏيل قومن جي ترقياتي هدفن تحت غربت جي خاتمي طرف اڳڀرائي کي ڪمزور ڪري رهيو آهي. بئنڪ جي هڪ ڪاٿي موجب ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا 2020ع تائين وڌيڪ ساڍا ست ڪروڙ کان 8 ڪروڙ تائين ماڻهن کي انتهائي غربت ۾ ڌڪي ڇڏيو هو.