اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان توانائي، بجلي ۽ پيٽروليم واري نگران وزير محمد علي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات ۾ نگران وزيراعظم نئين ذميواريون سنڀالڻ تي نگران وزير کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ توانائي ۽ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن تي عملدرآمد يقيني بڻائينداسين، توانائي ۽ بجلي جي شعبي جا سڌارا ملڪي معاشي استحڪام ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن.