اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) ڊاڪٽر عمر سيف آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جو چارج سنڀالي ورتو. وفاقي ڪابينه جي تعارفي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ڊاڪٽر عمر سيف آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت پهتو جتي سيڪريٽري آءِ ٽي نويد احمد شيخ ۽ ٻين آفيسرن سندس استقبال ڪيو. ڊاڪٽر عمر سيف جي وزارت جي سمورن آفيسرن سان تعارف ڪرايو ويو. بعد ۾ کيس آءِ ٽي واري وزارت جي تڪميل ٿيل ۽ جاري ۽ مستقبل جي منصوبن جي باري ۾ کيس تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي آفيسرن کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته اصولي طور نگران حڪومت جون ذميداريون ۽ اختيار محدود ۽ بنيادي مقصد عام چونڊن جو شفاف ۽ غير جانبدار ڪرائڻ آهي، جڏهن ته ان عرصي دوران اهم حڪومتي معاملن جي نگراني پڻ ضروري آهي. هن چيو ته منهنجي ترجيحن ۾ ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن کي مڪمل طور عملي جامو پارائڻ ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي شعبن جو استحڪام آهي. اسان ان سلسلي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ وٺي هلنداسين.