اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 16 مهينن جو عرصو چئلينجن سان ڀرپور هو، مشڪل کان مشڪل مسئلن جي حل لاءِ رستا ڳوليا، گڏيل تعاون ۽ مشاورت سان سٺي طريقي سان اتحادي حڪومت هلائي وئي، ويجهي ماضي ۾ سٺو ڪم ڪندڙ آفيسر عتاب هيٺ رهيا، اڳوڻي حڪومت عوامي خوشحالي جي منصوبن کي بند ڪري رکيو، الله تعاليٰ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو آهي، سسٽم جي خرابين کي ختم ڪرڻو پوندو، مون کي يقين آهي ته حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي سيڪريٽريز سان الوداعي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 16 مهينن جو عرصو سياسي، معاشي ۽ ٻين حوالن سان چئلينجن سان ڀرپور هو، اتحادي حڪومت قائم ٿيڻ جي حوالي سان به هڪ وڏو چئلينج هو ۽ 13 پارٽين تي ٻڌل هي حڪومت هئي ۽ گڏيل تعاون ۽ مشاورت سان تمام سٺي طريقي سان اتحادي حڪومت هلائي وئي ۽ اهو تاريخ جو حصو بڻجندي ته اسرندڙ ملڪن ۾ اتحادي حڪومت به هلي سگهي ٿي، شرط اهو آهي ته عوامي خدمت جي پختي سوچ هجي. وزيراعظم چيو ته جيئن ته اتحادي حڪومتون چئن صوبن ۾ قائم هيون ان لاءِ ڪيترائي معاملا حل ڪرڻ ۾ آساني رهي، وفاقي سيڪريٽريز ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن هر موقعي تي منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ معاملن کي حل ڪرڻ ۾ تعاون ڪيو، اهو ڪو آسان ڪم نه هو پر جڏهن اهڙي سوچ موجود هئي ته اسان کي پاڪستان جي عوام جي لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي ته ان سان رستا به نڪتا. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي سنڀالڻ ۾ سرڪاري آفيسرن اسان جو ساٿ ڏئي قومي فرض ادا ڪيو، وفاقي سيڪريٽريز ڄاڻن ٿا ته گذريل حڪومت جي دور ۾ حالتون ڪيتريون سنگين هيون، سٺي ڳالهين کي سدائين ياد رکندس پر مشڪلاتون هڪ سبق طور ياد رهنديون، ويجهي ماضي ۽ ماضي بعيد ۾ سٺو ڪم ڪندڙ آفيسر سدائين نشانو بڻيا ۽ عتاب هيٺ رهيا، اها ملڪ جي بدقسمتي آهي جو ان سان عوامي خدمت ۾ تمام گهڻو ڏکيائي ٿي. وزيراعظم چيو ته مارشل لاء جي دور ۾ اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي جو هڪ نظام آندو ويو، اختيارن جي هٺئين سطح تي منتقلي هڪ سٺي ڳالهه آهي ۽ ان سان عوام جا بي شمار مسئلا حل ٿين ٿا، اختيارن جي حقيقي انداز ۾ هيٺئين سطح تي منتقلي ٿيڻ گهرجي ها پر سول سروس کي جيڪو نقصان پهچايو ويو ان سان تمام گهڻيون مشڪلاتون آيون ۽ ان سان اهو به ٿيو ته سول سروس ۾ قابل نوجوانن دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني. وزيراعظم چيو ته اڄ چئلينج تمام وڏو آهي، سولر جو 10 هزار ميگاواٽ جو اسان هڪ ٺوس منصوبو ٺاهيو، شروع ۾ ان ۾ تمام گهڻي دلچسپي جو مظاهرو ڪيو ويو پر آهستي آهستي اها دلچسپي گهٽ ٿيندي وئي، ان جي سببن ۾ سياسي عدم استحڪام، آءِ ايم ايف، پرڏيهي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار جا معاملا شامل هئا پر سڀ کان وڏو سبب سرخ ڦيٿي جي رڪاوٽ هئي، جيڪو ٽيرف ڏنو ويو هو ان کي قبول نه ڪيو ويو، سسٽم اهڙو ٺوس هجڻ گهرجي ها جو رڪاوٽون فوري ختم ٿي وڃن ها ۽ حل نڪري اچي ها پر ان تي مهينا لڳي ويا، اهي ئي ان نظام جون خرابيون آهن جن کي ختم ڪرڻو پوندو، ٻئي طرف گوادر ۾ سالن کان دير جو شڪار منصوبا موجوده حڪومت جي 10، 12 مهينن ۾ مڪمل ٿيا جن ۾ بجلي جي فراهمي ۽ ٽرانسميشن لائين ۽ پاڻي جي فراهمي جو منصوبو به شامل آهي، اهڙي طرح وفاق ۾ به منصوبا جيڪي مڪمل ٿيڻ وارا هئا چار سالن کان بند پئجي ويا انهن تي ڪم جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي ۽ عوام کي ان جو تمام گهڻو فائدو ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ ڪيڙا ڪڍيا ويا ته جيئن انهن جو ڪريڊٽ ڪنهن ٻئي ڏانهن نه هليو وڃي، 16 مهينن ۾ وڏا وڏا سٺا فيصلا ٿيا جن ۾ آءِ ايم ايف جي پروگرام جي بحالي تمام وڏي ڪاميابي آهي، ان ۾ پرڏيهي آفيس، پلاننگ، ناڻي واري وزارت ۽ ٻيا ادارا شامل هئا ۽ اهو هڪ ٽيمو رڪ جو نتيجو آهي، جيڪڏهن اهو معاهدو نه ٿئي ها ته خبر نه آهي ڪيتري تباهي ٿئي ها، ان جو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي، ان جو ڪريڊٽ سڀني ڏانهن وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته سرڪاري آفيسرن ٻوڏ دوران به تمام بهترين ڪم ڪيو ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري قوم جي خدمت ڪئي، ڪنهن معاملي تي جيڪڏهن تنقيد نه ٿئي ته اهو ستائش جو هڪ پئمانو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي 16 مهينن ۾ پرڏيهي محاذ تي به تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون، حقيقت آهي ته چين جي حوالي سان اهڙا اهڙا بي بنياد الزام هنيا ويا، مون کي به سڌوسنئون الزام هنيو ويو، ان سان ملڪ کي ڪيترو نقصان پهتو، سي پيڪ جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي وئي، بدترين حڪمت عملي سان چين سان لاڳاپن کي خراب ڪيو ويو، ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اسان تمام گهڻي محنت ڪئي، اڳوڻي پرڏيهي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻيا اهڙيون ڪوششون ڪندڙ گولڊ ميڊل جا مستحق آهن. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب سان ملندڙ امداد جي منصوبن کي به دير جو شڪار ڪيو ويو، سعودي وفد ان جي مون سان گلا ڪئي جنهن تي مون انهن منصوبن تي ڪم شروع ڪرايو، اهو هڪ فڪر جو لمحو آهي، اهڙي طرح جا سوين هزارين مثال آهن، اسان کي امانت ۽ ديانت سان تجزيو ڪرڻو آهي ته اهي خرابيون ڇو ٿيون ۽ اسان وٽ اڳتي هلڻ جو ڪهڙو رستو آهي، جيڪڏهن ان تي فيصلو ڪري وٺون ته مستقبل ۾ تمام گهڻيون آساميون ٿينديون. وزيراعظم چيو ته 16 مهينن ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو آهي، مشڪل حالتن جي باوجود نيڪ نام آفيسرن تمام سٺو ڪم ڪيو ۽ جن ٿوري سستي ڏيکاري اميد آهي اهتي اڳتي ٺيڪ ڪم ڪندا، توهان هر مشڪل وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو آهي، مون کي يقين آهي ته حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون.