اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي مان پيمرا (ترميمي) بل 2023ع واپس وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پيمرا جي پراڻي ڪاري قانون کي ختم ڪرڻ چاهيوسين ٿي، چار سال مخالف ڌر ۾ رهندي ميڊيا سان گڏ ڪم ڪيو، مخلصاڻي سوچ ۽ وڏي محنت سان بل تيار ڪيو هو، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي ڪجهه شقن جي حوالي سان سامهون ايندڙ خدشن جو احترام ڪريون ٿا، آئيني ۽ جمهوري سوچ تي ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪيو ۽ نه ڪڏهن ڪري سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا، اظهار راءِ ۽ شهري آزادين جي آئيني حق تي ڪڏهن ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، ڏاڍ، آمريت ۽ شيطانيت جي خلاف ميڊيا سان گڏ سدائين گڏجي جدوجهد ڪئي، اهڙو ڪو قدم نه کڻنداسين جنهن سان اهو تاثر پيدا ٿئي ته اسان کي ميڊيا جي آزادي عزيز نه آهي، ميڊيا جي نمائنده تنظيمون ۽ ڌريون پهرين ڏينهن کان مشاورت ۽ بل جي تياري جو حصو رهيون، پهرين ڏينهن کان اهو ئي چيو هو ته متفقه طور تي ئي بل منظور ڪرائينداسين. اجلاس ۾ شريڪ پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته ڪيترن ئي سالن کانپوءِ اهڙو بل آيو آهي جيڪو صحافين ۽ ميديا ورڪرز جي لاءِ ٺهيو آهي. هن چيو ته صحافين جي صورتحال انتهائي خراب آهي، اسان پاڻ وچولي طبقي جا ماڻهو آهيون، مالڪ صحافين کي پگهارون ادا نه ٿا ڪن، هي بل صحافين جي مدد لاءِ آهي، ان کي واپس نه ورتو وڃي. پي بي اي جي ميمبر شڪيل مسعود چيو ته پيمرا (ترميمي) بل صحافين ۽ ميديا ورڪرز جي ضرورت آهي، سموري ميڊيا انڊسٽري جي لاءِ هي بل اهم آهي، منهنجي راءِ آهي ته بل واپس نه وٺڻ گهرجي. اي پي اين ايس جي صدر سرمد علي چيو ته بل جي هڪ هڪ شق تي مشاورت ٿي، اسان هن بل جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع صحافين جي لاءِ اهم بل آهي، ان کي ڪنهن به طرح نه روڪڻ گهرجي. ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ صحافين ۽ رپورٽرز اٿي بيهي پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي حمايت جو اعلان ڪيو. ڪميٽي جي ميمبر ڪامران مائيڪل چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ۾ صحافين ۽ ميديا ورڪرز جي ڀلائي لاءِ قدم منظور ڪرڻ گهرجن. سينيٽر عرفان صديقي بل کي ايجنڊا تي رکڻ خاص طور تي صحافين جي جسماني ۽ مالي تحفظ بابت ترميمن جي حوالي سان بل تي غور فڪر جاري رکڻ تي زور ڏنو. سينيٽر مشتاق احمد غيرتڪراري ترميمن جي منظوري تي زور ڏنو. بل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ پارلياماني نگراني، ٽربيونل، ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۽ جمع ڪرايل ترميمن بابت معاملن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسپانسر مشاورت جو عمل ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع پرويز مشرف جو ڪارو قانون هو، آرٽيڪل 19 کي پيمرا بل ۾ وجهڻ جو مطلب اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته بل تي سمورن ميمبرن ۽ ڌرين جي راءِ جو احترام ڪريون ٿا، بل ۾ ڪيتريون ئي ترميمون مليون آهن، ٻن ڏينهن ۾ انهن ترميمن کي بل جو حصو نه ٿا بڻائي سگهون، ان حوالي سان اڳتي ايندڙ حڪومت فيصلو ڪندي. بل جي محرڪ اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽ ۾ رولز آف پروسيجر اينڊ ڪنڊڪٽ آف بزنس 2012ع تحت بل باضابطا طور تي واپس وٺي ڇڏيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽرن عرفان صديقي، محمد طاهر بزنجو، ڪامران مائيڪل، وقار مهدي، انور لال دين، ڪامران مرتضيٰ ۽ مشتاق احمد شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا سينيئر عملدار، سينيئر صحافي ۽ پيمرا چيئرمين پڻ اجلاس ۾ موجود هئا.