اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) ايپڪس ڪميٽي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سرپرستي ۾ زراعت، معدنيات، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي مختلف منصوبن جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو ٽيون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم مختصر مدي ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ ۽ گڏيل تعاون جي ذريعي ان جي موثر ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم سيمينارز ۽ منصوبن جي افتتاح جي ذريعي عالمي پهچ جي حڪمت عملي کي ساراهيو. اجلاس ۾ ايپڪس ڪميٽي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سرپرستي ۾ زراعت، معدنيات، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي مختلف منصوبن جي حتمي منظوري ڏني. ايپڪس ڪميٽي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ذريعي سعودي عرب مان اعليٰ سطحي وفد جي متوقع دوري جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ايپڪس ڪميٽي عبوري حڪومت کان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اڳڀرائي جي رفتار برقرار رکڻ جي اميد جو اظهار ڪيو.