اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين مڪافات عمل جو شڪار ٿي گرفتار ٿيو آهي، هر هڪ جي خواهش هوندي آهي ته اسان پنهنجي وڏن جي اميدن تي پورو لهون، ڪجهه معاملن ۾ اسان اميدون پوريون ڪيون ۽ ڪجهه معاملن ۾ اسان اميدون پوريون نه ڪيون هونديون، محترمه بينظير ڀٽو شهيد منهنجي جيڪا تربيت ڪئي آهي ان تحت مون ڪنهن کي گار نه ڏني ۽ گار ڏيڻ پيپلزپارٽي جو به ڪلچر نه آهي، چونڊن طرف وڌي رهيا آهيون، نظام کي اڳتي بهتر انداز ۾ هلائڻ جي لاءِ اسان کي مفاهمت جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن جي لاءِ ماضي جي سياست کان هٽي ڪري اسان کي نوان رولز آف گيم طئي ڪرڻا پوندا. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبلي جي هي الوداعي سيشن آهي، 5 سال اڳ مون هن ايوان جي ميمبر جو حلف کنيو هو مون کي هن ايوان ۾ جيڪي تجربا ٿيا آهن اهي سدائين ياد رهندا. مون کي فخر آهي ته آئون هن ايوان جو ميمبر چونڊيس ۽ مون کي فخر آهي ته پارليامينٽ هائوس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي حوالي سان ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي نالي جي تختي لڳل آهي. هر هڪ جي خواهش هوندي آهي ته اسان پنهنجي وڏن جي اميدن تي پورو لهون، ڪجهه معاملن ۾ اسان اميدون پوريون ڪيون ۽ ڪجهه معاملن ۾ اسان اميدون پوريون نه ڪيون هونديون. محترمه بينظير ڀٽو شهيد منهنجي جيڪا تربيت ڪئي آهي ان تحت مون ڪنهن کي گار نه ڏني ۽ گار ڏيڻ پيپلزپارٽي جو به ڪلچر نه هو. اسان مخالف ڌر ۾ هوندي به جمهوري دائري جي اندر رهندي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسان احتجاج دوران به اهو خيال رکيو ته اسان کان ڪو اهڙو ڪم نه ٿئي جنهن سان جمهوريت جو نقصان ٿئي ۽ ڪا ٽئين قوت ان جو فائدو کڻي. هن چيو ته اسان بي اعتمادي جي ذريعي اڳوڻي وزيراعظم کي ڪڍيو، سمورين پارٽين جي اتحاد جي ڪري اسان ڪامياب ٿياسين ۽ تاريخ لکي، پارليامينٽ ۾ ووٽ جي ذريعي اسان وزيراعظم کي گهر موڪليو. جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته اسان جي ڪوشش رهي ته پارليامينٽ کي بالادستي بڻايو وڃي ۽ جمهوريت کي مضبوط بڻايو وڃي. هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جون پنهنجون پنهنجون ذميواريون هونديون آهن، حڪومت جمهوري انداز ۾ پنهنجو ڪم ڪري ۽ مخالف ڌر کي به گهرجي ته اها هڪ دائري جي اندر رهندي تنقيد ۽ احتجاج ڪري. پر افسوس جو اسان کي ان پارٽي کي منهن ڏيڻو پيو هو جنهن کي آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ سميت ڪنهن ڳالهه جي خبر نه هئي، انهن اهي ريڊ لائينز به ڪراس ڪيون جن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. اسان محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي به اها ريڊ لائين ڪراس نه ڪئي. پر اڳوڻي حڪومتي پارٽي 9 ۽ 10 مئي جا واقعا ڪري سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون، نفرت جي سياست سان رياست، جمهوريت ۽ سياست سڀني کي نقصان پهتو آهي. اسان هاڻي چونڊن طرف وڌي رهيا آهيون، اسان جي سياست ۽ سموريون ڪوششون ان طرف هجڻ گهرجن ته ان نظام کي هلائڻ جي لاءِ مفاهمت طرف معاملن کي وٺي وڃڻ گهرجي. نئون ميثاق جمهوريت نه به ٿئي ته ان کان ٻاهر پارٽين کي به ان تي متفق ٿيڻو پوندو، اسان کي پاڻ ۾ رولز آف گيم طئي ڪرڻا پوندا. سمورن ادارن کي پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. ان حوالي سان سمورين سياسي پارٽين کي نه رڳو سوچڻ گهرجي پر پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ چيئرمين مڪافات عمل جو شڪار ٿي گرفتار ٿيو آهي. هن چيو ته ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ اسان وٽ 15، 16 مهينن جو وقت انتهائي گهٽ هو گهڻو وقت اسلام آباد ۾ اسان کي ڌرڻن ۽ جلاءُ گهيراءُ کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته نوجوان نسل ملڪ جو اثاثو آهن ۽ اهو ئي اهو طبقو آهي جيڪو ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو. سموريون پارٽيون نوجوان نسل تي ڌيان ڏين.