اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ عمان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي واپار، دفاع ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عمان جي سلطان جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف، وائيس ايڊمرل عبدالله بن خميس الرئيسي جي ملاقات ۾ ان حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عمان جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف وفد سان گڏ صدر سان ملاقاتڪ ئي. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان عمان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ عالمي فورمز تي مختلف مسئلن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا، پاڪستان ۽ عمان گڏيل مذهب، تاريخ ۽ ثقافتي ورثي ۾ ڳنڍيل آهن. صدر چيو ته پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، زراعت جي شعبي ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي غذائي تحفظ جي ضرورتن لاءِ انتهائي اهم آهي. صدر ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ گوادر ۽ مسقط جي وچ ۾ فيري سروس شروع ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني. ملاقات ۾ ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي آڻڻ تي ايران ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت کي پڻ ساراهيو ويو. ڌرين خطي جي خوشحالي جي لاءِ سعودي – ايران لاڳاپن جي بحالي کي اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. ڌرين ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر وفد کي ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي موقف جي حمايت تي سلطنت عمان جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وائيس ايڊمرل عبدالله بن خميس الرئيسي چيو تهپ اڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي. هن صدر کي عمان جي سلطان پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. عمان جي سلطان جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف گذريل ڏينهن ٿيندڙ ٽرين حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.