گوادر – 27 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان بهادر ۽ دلير بلوچن، پختونن، براهوي ۽ ٻين قومن جو صوبو آهي، گوادر ۽ بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق هتان جي عوام جو آهي، ڀرپاسي جي ملڪن ۾ ويٺل ملڪ دشمن نه ٿا چاهين ته بلوچستان ترقي ڪري ۽ هتي سياسي استحڪام هجي، بلوچستان پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو هو اسان کي ان فيصلي جي تڪريم ۽ تعظيم ڪرڻ گهرجي، پوري بلوچستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي ڊوڙ ۾ آڻڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، اسان گوادر کي دنيا جي بهترين بندرگاهه بڻائڻ چاهيون ٿا. گوادر بزنس سينٽر ۾ مستحق مهاڻن ۾ امدادي چيڪس ۽ گوادر يونيورسٽي جي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان بهادر ۽ دلير بلوچن، پختونن، براهوي ۽ ٻين قومن جو صوبو آهي جنهن کي الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي. وزيراعظم چيو ته 2013ع ۾ جڏهن نواز شريف ٽيون ڀيرو وزراعظم چونڊيو ته بلوچستان ۽ گوادر جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ احسن اقبال ۽ ٻين وزيرن سان گڏجي عوامي نوعيت جي منصوبن جي منصوبابندي ڪئي، جنهن جڳهه تي آئون اڄ بيٺو آهيان انهي جڳهه تي گوادر ۾ پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي، ايران کان بجلي جي پهچ، پنجگور کان ٽرانسميشن لائين، پاڻي جي ٽريٽمينٽ ۽ صوبي جي لاءِ ڪيترن ئي ٻين منصوبن جي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو ويو، پر گذريل 4 سالن ۾ ڪو ڪم نه ٿيو، هڪ منصوبابندي جي ذريعي انهن منصوبن تي ڪم نه ٿيو جڏهن ته اهي منصوبا سي پيڪ تحت چين جي مدد سان مڪمل ٿيڻا هئا. سي پيڪ تحت گوادر صنعتي زون، گوادر اسپتال، گوادر ايئرپورٽ ۽ ٻيا منصوبا چيني گرانٽ تحت مڪمل ٿيڻا هئا پر انهن منصوبن کي ختم ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال 4 جون تي جڏهن هو گوادر آيو ته هو گهري ڏک ۽ پيڙاءُ سان واپس آيو ۽ کيس محسوس ٿيو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ هن صوبي کي وساريو ويو آهي، آئون ٻيهر 23 جون تي گوادر آيس ۽ اسان اهو ارادو ڪيو ته اهو اسان جو فرض آهي ته اسان کي بلوچستان جي عوام جي تقدير بدلائڻي آهي. وزيراعظم چيو ته 15 مهينن دوران بي پناهه مشڪلاتن جي باوجود اسان صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، ٻوڏ دوران مون پاڻ بلوچستان جي ڪنڊڪڙڇ جو دورو ڪيو، اسان جي حڪومت شفاف طريقي سان ٻوڏ متاثرين ۾ 25 هزار رپيا في خاندان جي حساب سان شروعاتي مدد فراهم ڪئي، صوبائي حڪومت پنهنجي وسيلن سان متاثرين جي امداد ڪئي جنهن ۾ وڏي وزير قدوس بزنجو ۽ چيف سيڪريٽري جو ٿورائتو آهيان. وزراعظم چيو ته بلوچستان کي الله تعاليٰ معدنيات جي دولت عطا ڪئي آهي. سوئي گئس، ريڪوڊڪ ۽ سينڊڪ جي صورت ۾ هتي خزانا دفن آهن، هن صوبي جي وسيلن تي سڀ کان پهريون حق هن صوبي جي عوام جو آهي. وزيراعظم چيو ته ريڪوڊڪ جي معاملي تي پاڪستان حڪومت کي اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي پر ان سان هتان جي عوام کي هڪ رپئي جو فائدو نه پهتو، گوادر تي پهريون حق گوادر ۽ بلوچستان جي عوام جو آهي، هتان جي عوام کي بندرگاهه جي تعمير سان گڏ پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي، صحت ۽ روزگار فراهم ٿيڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو سمجهي سگهن ته ترقي جا اهي منصوبا انهن جي لاءِ آهن ۽ ان سان نه رڳو انهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو پر علائقي ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي پڻ ايندي. وزيراعظم چيو ته گوادر جو سمنڊ دنيا جي گهري ترين سمنڊن ۾ شال آهي، هتي وڏا وڏا جهاز لنگرانداز ٿي سگهن ٿا پر ان جي ڊريجنگ (صفائي) باقاعده بنيادن تي ٿيڻ گهرجي. مون کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته 2015ع کانپوءِ ڊريجنگ ناهي ٿي، صفائي نه ٿيڻ جي ڪري هتي وڏا جهاز ڪيئن ايندا، ان تي مون نيول چيف سان رابطو ڪيو ۽ هن هڪ جهاز موڪليو جنهن شروعاتي ڪم ڪيو، الحمدالله بندرگاهه جي صفائي جي لاءِ معاهدو ٿيو آهي ۽ فيبروري ۽ مارچ تائين بندرگاهه جي صفائي جو ڪم مڪمل ٿيندو جنهن کانپوءِ هتي وڏا جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا. وزيراعظم چيو ته گذريل 5 سالن ۾ گوادر جي بندرگاهه تان رڳو هڪ لک ٽن سامان ڪارگو ٿيو، اڳوڻي حڪومت کي اهو گوارا نه هو ته ان ڏورانهين علائقي ۾ ڪم ڪيو وڃي. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي 15 مهينن جي دور ۾ گوادر پورٽ جي ذريعي 6 لک ٽن سامان جي چرپر ٿي آهي. اهو رڳو محبت، ذميواري ۽ تڙپ جو احساس آهي ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته جيستائين سڀ صوبا گڏجي ترقي نه ٿا ڪن ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته گذريل 15 مهينن ۾ اسان بي پناهه مشڪلاتن سان ڪم ڪيو آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو ويو، اسان ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ جي خطرن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. ان ۾ چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات اسان سان تمام گهڻو تعاون ڪيو، ڪالهه چين جي ايگزم بئنڪ پاڪستان جو 2.4 ارب ڊالر جو قرض رول اوور ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هو بلوچستان جي عوام خاص طور تي شاگردن، شاگردياڻين ۽ نوجوانن کي چوي ٿو ته جيڪي ماڻهو اسان جا خيرخواهه آهن ۽ جن دوست ملڪن ڪنهن شرط کانسواءِ اسان جي مدد ڪئي آهي، جن ماڻهن اسان جي بري وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي، انهن ماڻهن ۽ ملڪن جي خيرخواهي، حفاظت اسان جو فرض ۽ ذميواري آهي. اسان ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ پنهنجي دوست ۽ خيرخواهه ملڪن طرف ڏسي رهيا آهيون، جيڪڏهن ٻاهران هتي ڪير سيڙپڪاري جي لاءِ اچي ٿو ته ان سان علائقي ۽ ملڪ کي فائدو پهچي ٿو، ان جي حفاظت اسان جو فرض آهي. جيڪڏهن اسان انهن جي حفاظت نه ڪنداسين ته ان سان ملڪ کي نقصان پهچندو. وزيراعظم چيو ته جيڪي ملڪ دشمن ماڻهو ڀرپاسي جي ملڪن ۾ ويٺل آهن اهي نه ٿا چاهين ته بلوچستان ترقي ڪري ۽ هتي سياسي استحڪام ٿئي، بلوچستان پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو هو اسان کي ان فيصلي جي تڪريم ۽ تعظيم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هتان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين مشڪل ترين حالتن ۾ وسيلن کانسواءِ تعليمي ميدان ۾ پنهنجي مهارت ثابت ڪئي آهي، ليپ ٽاپ جو منصوبو چئني صوبن جي ملڪيت آهي ۽ ان ملڪيت جو دارومدار ميرٽ تي آهي. هن چيو ته آبادي جي لحاظ سان ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ بلوچستان جو حصو 6 سيڪڙو بڻجي ٿو پر مون احسن اقبال کي درخواست ڪري اهو حصو 14 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ سال اها ڪوٽا 18 سيڪڙو تائين وڌائي ويندي. وزيراعظم چيو ته پوري بلوچستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي ڊوڙ ۾ آڻڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، اسان گوادر کي دنيا جي بهترين بندرگاهه بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان جي خواهش آهي ته ڪراچي، لاهور ۽ پشاور وانگر ڪوئيٽا ۾ به ترقي ۽ خوشحالي ٿئي. وزيراعظم پنهنجي تقرير جي آخر ۾ چيو ته چين پاڪستان جو خيرخواهه، همدرد ۽ دوست ملڪ آهي جنهن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي اسان کي پنهنجي کان وڌيڪ ڪرڻ گهرجي ڇو ته اهي اسان جا خيرخواهه ۽ دوست آهن. وزيراعظم چيو ته چين تازن ڏينهن ۾ قرضن جي رول اوور جي صورت ۾ پاڪستان جي اٽڪل 7 ارب ڊالر جي مدد ڪئي آهي ۽ ان جي بدلي ۾ هن ڪا شرط ناهي هنئي. وزيراعظم آخر ۾ پاڪستان زندهه آباد ۽ قائداعظم زندهه آباد جا نعرا هنيا جن جو شرڪت ڪندڙن جوش سان جواب ڏنو. بلوچستان جو گورنر، وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، سيد فيصل سبزواري، شزه فاطمه خواجه ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي مستحق مهاڻن ۾ امدادي چيڪس ۽ گوادر يونيورسٽي جي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپس پڻ ورهايا. مستحق مهاڻن کي اڍائي لک رپيا في فرد چيڪ ڏنا ويا.