ڪولمبو-27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سريلنڪا کي ڪولمبو ٽيسٽ ۾ هڪ اننگز ۽ 222 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو، پاڪستان پهرين اننگز 576 رنسن ۽ 5 رانديگرن جي آئوٽ تي ڊڪليئر ڪري 410 رنسن جي مجموعي برتري حاصل ڪئي، جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 188 رنسز تي آئوٽ ٿي، نعمان علي 7، نسيم شاهه 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. عبدالله شفيق کي شاندار ڊبل سينچري اسڪور ڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ ۽ آغا سلمان کي آل رائونڊ پرفارمنس تي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. پاڪستان ٻن سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيسٽ سيريز کٽي آهي. ڪالهه ڪولمبو ۾ کيڏيل ٻئي ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن پاڪستان 563 رنسن ۽ 5 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي اننگز جو ٻيهر شروعات ڪيو، آغا سلمان 132، محمد رضوان 37 رنسن تي کيڏي رهيا هئا محمد رضوان جي اڌ سينچري ڪندي ئي پاڪستان 410 رنسن جي برتري حاصل ڪري اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي. آغا سلمان 132 ۽ محمد رضوان 50 رنسز تي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان جي 410 رنسن جي برتريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سريلنڪا پنهنجي ٻي اننگز شروع ڪئي پر هو 188 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. اينجيلو ميٿيوز 63 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي. سريلنڪا جي بيٽسمينن محتاط انداز ۾ شروعات ڪئي ۽ اووپنر نشان مدوشنڪا ۽ ڪپتان ڪرونارتني پهرين وڪيٽ جي شراڪت ۾ 69 رنسز ٺاهيا جڏهن ته مدوشنڪا 33 رنس ۽ ڪرونارتني 41 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا. ان کانپوءِ سريلنڪا جي بيٽسمينن جون وڪيٽون ڪِرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.