گوادر – 27 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻين صوبن وانگر ترقي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان ۽ گوادر جي لاءِ شروع ڪيل منصوبن تي گذريل چار سال دوران ڏوهاري غفلت ڪئي وئي، پي ڊي ايم جي حڪومت 16 مهينن دوران مشڪلاتن جي باوجود انهن منصوبن تي ڪم ٻيهر شروع ڪرايو جنهن جي ذريعي گوادر کان پاڪستان جي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، گوادر پاڪستان جي ئي نه پر دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ اهم ترين بندرگاهه بڻجندي جنهن سان بلوچستان ۽ گوادر جي عوام سميت پوري پاڪستان کي فائدو ٿيندو ۽ ٻين ملڪن سان اسان جي رابطن کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. بلوچستان جي گورنر ۽ وڏو وزير، ميري ٽائيم وارو وزير، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير، مواصلات وارو وفاقي وزير پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ گوادر ۾ اسان مصروف ڏينهن گذاريو ۽ بي شمار منصوبن جو افتتاح ڪيو آهي ۽ ڪجهه جا پيڙهه جا پٿر ”سافٽ لانچنگ“ رکيا آهن. وزيراعظم چيو ته جن منصوبن جو افتتاح ٿيو آهي، انهن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو منصوبو به شامل آهي جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان تعطل جو شڪار هو، هي اهو منصوبو آهي جيڪو 2015ع ۾ ميان نواز شريف جي وزارت عظميٰ جي دور ۾ ٺهيو ۽ ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو پر ان کانپوءِ ان منصوبي کي مڪمل طور تي دفن ڪيو ويو ۽ ڪو ڪم نه ٿيو، گوادر بندرگاهه جيڪا پاڪستان جي اهم بندرگاهه آهي، اتي بندرگاهه جي صفائي جي لاءِ هڪ عالمي معيار جو مستقل صفائي جو پروگرام ڏنو ويو جيڪو دنيا جي سمورين بندرگاهن ۾ موجود هوندو آهي پر گوادر بندرگاهه جي 2015ع ۾ آخري ڀيرو صفائي ڪئي وئي. هن چيو ته 4 جون 2022ع تي جڏهن گوادر جو دورو ڪيو ته خبر پئي ته ڊگهي عرصي کان صفائي جو انتظام نه ڪرڻ جي ڪري پاڻي جي سطح گهرائي گهٽ ٿي وئي ۽ سامونڊي جهازن کي لنگرانداز ٿيڻ جي لاءِ مشڪلاتون ٿي رهيون هيون جنهن تي اسان جنگي بنيادن تي صفائي جو انتظام ڪيو ۽ اڄ پوري زور شور سان صفائي جو عمل جاري آهي جنهن کي ايندڙ سال فيبروري، مارچ ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي چئن سالن جي دور ۾ گوادر ۾ رڳو هڪ لک ٽن ڪارگو جي سامان جي گوادر بندرگاهه تان اچ وڃ ٿي جيڪو اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي جڏهن ته اسان جي 16 مهينن ۾ 6 لک ٽن ڪارگو گوادر تي هينڊل ٿي جنهن جو فائدو هتان جي مزدورن ۽ ٽرڪ ۽ اسٽوريج مالڪن کي ٿيو، گوادر ۾ آپريشن وڌڻ سان ٻيا ملڪ پڻ راغب ٿيندا. وزيراعظم چيو ته گوادر ۾ ايڪسپورٽ زون جو قيام ۽ ترقي جي ٻين معاملن ۾ پڻ غفلت ڪئي وئي ۽ اهو تاثر ڏنو ويو ته گوادر هڪ مخصوص طبقي جو منصوبو آهي جنهن جو خدانخواسته بلوچستان يا گوادر سان ڪو تعلق نه آهي. هن چيو ته نواز شريف جي حڪومت ۾ گوادر جي لاءِ بجلي جي جنهن منصوبي جو بنياد رکيو ويو گذريل چار سالن ۾ 23 ڪلوميٽر جي ٽرانسميشن لائين جيڪا ايران کان گوادر اچڻي هئي ان تي ڪم نه ڪيو ويو. هن چيو ته اسان سمورين مشڪلاتن جي باوجود 6 کان 8 مهينن ۾ ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ۽ اڄ گوادر ۾ 100 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اهڙي پنجگور کان ٽرانسميشن لائين کي ايف ڊبليو او جي ذريعي مڪمل ڪرايو آهي، هي اهي سمورا منصوبا آهن جيڪي نواز شريف جي وزارت عظميٰ جي دور ۾ شروع ڪيا ويا ۽ ان جي لاءِ بنيادي قدم کنيا ويا ۽ رقم به رکي وئي پر چار سالن ۾ ڏوهاري غفلت کان ڪم ورتو ويو. هن چيو ته ان کانسواءِ هزارين مهاڻا جيڪي حلال روزگار ڪمائين ٿا انهن کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو، اڄ اسان 3 هزار مهاڻن ۾ اڍائي لک رپيا في ڪس جي چيڪ ورهيا آهن، 82 ڪروڙ رپين جي اها امدادي رقم ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انهن کي ملي ويندي جنهن سان اهي انجڻ خريد ڪري سگهندا. هن چيو ته اهڙي طرح ليپ ٽاپ اسڪيم 2011ع ۾ پنجاب کان شروع ڪئي وئي ۽ 2013ع ۾ وفاق ۾ به ليپ ٽاپ اسڪيم متعارف ڪرائي وئي، چار سالن ۾ بيضن ۽ ڪٽن جي ڳالهه ڪئي وئي پر انهن منصوبن جو نالو تائين نه ورتو ويو جنهن جو تعلق نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت سان هو، تعليم ۽ تربيت نوجوانن جو بهترين هٿيار هوندو آهي، اسان ليپ ٽاپ پروگرام جي ٽنهي صوبن ۾ ٻيهر شروعات ڪئي آهي ۽ اربين رپين جي لاڳت سان گوادر جي لاءِ انهن ٽنهي منصوبن جي پڻ شروعات ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ بلوچستان ۽ گوادر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم پڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ گوادر ۾ اي پلس گريڊ حاصل ڪندڙ هوشيار ٻارن ۽ ٻارڙين کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا آهن، ليپ ٽاپ جو هڪ ئي معيار ميرٽ آهي سفارش ۽ پنهنجا نوازي نه آهي، بلوچستان جي آبادي جو سيڪڙو پاڪستان جي آبادي جي لحاظ کان 6 سيڪڙو آهي، بلوچستان جي شاگردن جي لاءِ ليپ ٽاپ جي ڪوٽا 3 سيڪڙو مان وڌائي 14 سيڪڙو ڪئي جنهن تحت 14 هزار ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃن ۽ 24 – 2023ع جي بجيٽ جي لاءِ اها ڪوٽا 14 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي جيڪو انهن جو جائز حق آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان معدنيا سان مالامال ۽ اهم ترين بندرگاهه رکندڙ صوبو آهي پر هن صوبي کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ جيستائين پاڪستان جي ترقي جي ڊوڙ ۾ بلوچستان باقي صوبن سان گڏ نه هوندو تيستائين اها ترقي پاڪستان جي ترقي شمار نه ٿيندي، سي پيڪ منصوبي ۾ گوادر جي لاءِ ڪوئلي سان هلندڙ توانائي جي منصوبي جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان 300 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ نيپرا ان جي ٽيرف جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته چين جي حڪومت جا به ٿورائتا آهيون جنهن اٽڪل 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ هاڻي ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته چائنا جي ايگزم بئنڪ پاڪستان جو قرض ٻن سالن جي لاءِ رول اوور ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي چيني صدر شي جن پنگ جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته چين اسان جي ڀائر ملڪن سعودي عرب، يو اي اي ۽ قطر سان گڏجي پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو، گوادر پاڪستان جي نه پر دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ بندرگاهه بڻجندي ۽ بلوچستان ۽ گوادر جي عوام کي سڀ کان پهرين ۽ پوءِ پوري پاڪستان کي فائدو ٿيندو ۽ ٻين ملڪن سان اسان جا رابطا وڌندا. وزيراعظم نئين سي اي او نيپانگ کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي ڀرپور تجربي کي استعمال ۾ آڻي ان پراجيڪٽ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.