اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آگسٽ 2023ع ۾ اقتدار نگران حڪومت جي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 15 مهينن ۾ اسان چار سال جي بربادين جو ملبو صاف ڪيو، پاڪستان جي مفادن جي راهه ۾ وڇايل بارودي سرنگهون صاف ڪيون، معيشت، پرڏيهي لاڳاپن، توانائي، امن امان سميت ٻين شعبن ۾ بدترين بدانتظامي، نااهلي ۽ سازشن جي لڳل باهه وسائي، سفارتي سطح تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن کي ڀرپور ساراهيُون ٿا، سوا سال جو اهو مختصر عرصو نااميدي جي اونداهين مان اميد جي روشني طرف هڪ پرعزم سفر هو، آءِ ايم ايف سان مشڪلاتن جي باوجود معاهدي ۾ ڪامياب رهياسين، اسان رياست بچائڻ جي لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، دوست ملڪن چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي تعاون کي ڪڏهن به نه وسارينداسين، پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جو عظيم مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ معاشي بحالي جو هڪ ٺوس قومي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جهڙي طرح اسان دعا ڪريون ٿا ته 9 مئي جهڙو ڪارو ڏينهن قوم جي زندگي ۾ ٻيهر نه اچي، اهڙي طرح هاڻي پوري قوم جو هڪ آواز آهي ته قرض جي زندگي نامنظور آهي، قوم کي نواز شريف جي 2013ع کان 2018ع جي دور وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر معاشي مشڪلاتن مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، روزگار فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قوم کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اپريل 2022ع تي عوام بطور وزيراعظم جيڪا ذميواري ڏني هئي، ملڪ جي ڀلائي ۽ عوام جي خيرخواهي ۽ خدمت جي اها مقدس امانت آگسٽ 2023ع تي اسان نگران حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين، 15 مهينن ۾ اسان چار سال جي بربادين جو ملبو صاف ڪيو، پاڪستان جي مفادن جي راهه وڇايل بارودي سرنگهون صاف ڪيون، معيشت، پرڏيهي لاڳاپن، توانائي، امن امان سميت ٻين شعبن ۾ بدترين بدانتظامي، ڪرپشن، نااهلي ۽ سازشن جي لڳل باهه وسائي، سوا سال اهو مختصر عرصو نااميدي جي اونداهين مان اميد جي روشني طرف هڪ پرعزم سفر هو، سڀ ڪجهه وڃائڻ سان ڪجهه حاصل ٿيڻ جي شروعات هئي، تخريب، انتشار ۽ فساد جي رستي کان تعمير طرف واپس ٿيڻ جو سفر هو، معاشي تباهي مان نڪري معاشي استحڪام طرف واپس اچڻ جو سفر هو. وزيراعظم چيو ته اڪيلائپ مان نڪري وفا ۽ بااعتماد دوستن ۽ ڀائرن جي محفل ۾ واپسي جو سفر هو، اهو ٻوڏ ۾ گهيريل ٽي ڪروڙ 30 لک ملڪ واسين جو هٿ پڪڙڻ، انهن جي تباهه ٿيل گهرن ۽ ٻنين کي ٻيهر کان آباد ڪرڻ جو سفر هو، بيروزگاري کان ٻيهر روزگار جي فراهمي، مهانگائي جي ستايل عوام کي ڪجهه ريليف ڏيڻ جو سفر هو، اهو انساني عظمت، وقار، قومي خودمختياري، ميڊيا، اظهار راءِ ۽ شهري آزادين جي بحالي جو سفر هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ هي پنهنجي نوعيت جي واحد چونڊيل مخلوط حڪومت آهي جيڪا مختصر ترين مدي جي لاءِ قائم ٿي جنهن پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏن چئلينجن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو. وزيراعظم چيو ته هن حڪومت اصل ۾ هڪ معيار، هڪ مثال ۽ هڪ رخ متعين ڪيو ته گهٽ وقت، اڻ ڳڻين مشڪلاتن ۽ سازشن جي باوجود ملڪ ۽ قوم کي بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو پر شرط رڳو اهو آهي ته الله تي ڀروسي کانپوءِ پوري ديانتداري، ڏاهپ، گڏيل بصيرت ۽ ڏينهن رات جي مسلسل محنت سان ڪم ڪيو وڃي اسان اهو ئي رستو اختيار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان عرصي ۾ اسان سياست نه ڪئي رياست جي حفاظت ڪئي، اسان رياست بچائڻ جي لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، ووٽ بئنڪ جو فڪر نه ڪيو پر اسٽيٽ بئنڪ ۾ ذخيرن ۾ مسلسل اضافي جو فڪر ڪيو، معاشي بحالي جي رستي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آءِ ايم ايف جو اهو پروگرام هو جنهن کي اڳوڻي حڪومت سخت شرطن تي ڪيو هو پوءِ پاڻ ئي ان کي ٽوڙي پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو، اسان ان جي بحالي جي ڪوششن ۾ هئاسين ته اڳوڻا حڪمران ان کي ناڪام بڻائڻ جي سازشن ۾ ڏينهن رات مصروف هئا، انهن ملڪ دشمنن جي سازشن جي باوجود اسان همت نه هاري ۽ آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ڪيو جنهن کانپوءِ هاڻي پاڪستان جو ڏيوالپڻي ٿيڻ جو خطرو ۽ انهن جي ناپاڪ خواهش ٻئي مٽيءَ ۾ ملي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته پوري قوم پاران پاڪستان جي عظيم دوست ۽ ڀائر ملڪن چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جا ٿورا مڃون ٿا جن سدائين وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر انتهائي مشڪل حالتن ۾ وڏي خلوص سان پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪيو، انهن جي ان خلوص ۽ تعاون کي اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين. وزيراعظم چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ، سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان پاڪستان کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته سفارتي سطح تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن کي ڀرپور ساراهيُون ٿا، پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير جي ڏينهن رات ڪوششن کي ڀرپور ساراهيُون ٿا. وزيراعظم چيو ته قرض وٺندي اسان ان جا عادي ٿي چڪا آهيون بلڪه پنهنجي ساک ۽ وقار کي به تمام گهڻو مجروح ڪري چڪا آهيون، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي، پنهنجو وڃايل مقام واپس حاصل ڪرڻو آهي، ان کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي، ان عظيم مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ معاشي بحالي جو هڪ ٺوس قومي پلان تيار ڪيو ويو آهي، قومي سيڙپڪاري فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي جنهن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، زراعت، صنعت، معدنيات، توانائي، آءِ ٽي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ نار ملڪن مان وڏي سيڙپڪاري جون راهون هموار ٿي رهيون آهن. وزيراعظم قوم کي يقين ڏياريو ته هن قومي ايجنڊا تي وفاقي حڪومت، سموريون صوبائي حڪومتون ۽ عسڪري ادارا هڪ حڪومت جي سوچ اختيار ڪندي گڏيل ڏاهپ ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان ان منصوبي کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرائيندا. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري ۽ سيڙپڪار برادري جو اعتماد آهستي آهستي بحال ٿي رهيو آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسي فچ جو پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي ڪرڻ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاران پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال بهتر ٿيڻ جي گواهي اچي چڪي آهي، عالمي فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي 7 درجا بهتري ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته 30 جون تي آءِ ايم ايف جي اسٽاف ليول معاهدي جو اعلان ٿيو، ان جي نتيجي ۾ 3 جولاءِ تي پهرين ڪاروباري ڏينهن سيڙپڪارن اسٽاڪ ايڪسچينج جي ذريعي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. ڪي ايس سي 100 انڊيڪس ۾ 2446 پوائنٽس جو اضافو ٿيو جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڏو اضافو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج 45 هزار پوائنٽس جي سطح عبور ڪري چڪي آهي جيڪا گذريل 14 مهينن کان وڌيڪ جي مدي ۾ بلند ترين سطح آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ مسلسل اضافو، 1150 ارب رپين جي تاريخي ترقياتي بجيٽ، زراعت جي لاءِ 2 هزار ارب رپين جو آبادگار پئڪيج، زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي، 80 ارب رپين جي لاڳت سان وزيراعظم جي نوجوانن جي لاءِ پروگرام جي شروعات، زراعت، صنعت، آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ بنا وياج ۽ رعايتي قرض ڏيڻ کانسواءِ ذهين شاگردن کي ليپ ٽاپس، تعليمي وظيفن جي فراهمي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، شهيدن جي خاندانن کي خصوصي وظيفن جي فراهمي، سڄي ملڪ ۾ تعليمي درسگاهن، انفراسٽرڪچر جي منصوبن جي تيز ترين پڄاڻي ۽ نئين منصوبن جي شروعات پاڪستان جي معاشي بحالي جي سفر جون ڪجهه جهلڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته هاڻي اسان جي سامهون هڪ ئي رستو آهي ته ڪشڪول ٽوڙي ڇڏيون، مقروض رهڻ ڇڏي ڏيون، مسلسل محنت جي راهه اختيار ڪريون، محتاجي جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون، پنهنجي پيرن تي بيهُون جنهن جو هر اول دستو عوام کي بڻجڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اهو سفر تڏهن ئي طئي ٿي سگهي ٿو، زنجيرون تڏهن ئي ڪٽجي سگهن ٿيون جيڪڏهن اسان محبت تي سچي دل سان يقين رکون ٿا، واعدا پورا ڪريون ٿا، ديانتداري سان عوام ۽ ملڪ جي خدمت جو رڪارڊ رکون ٿا جهڙي طرح اسان دعا ڪريون ٿا ته 9 مئي جهڙو ڪارو ڏينهن قوم جي زندگي ۾ ٻيهر نه اچي، اهڙي طرح هاڻي قوم هڪ آهي ته قرض جي زندگي نامنظور آهي. وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح قائد نواز شريف 2013ع کان 2018ع ۾ ملڪ کي ترقي جي رستي تي آندو هو اهڙي طرح ٻيهر آڻينداسين، جيئن مهانگائي گهٽ ڪئي هئي ٻيهر ڪنداسين، جيئن لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي ختم ڪئي هئي ٻيهر ڪنداسين، جهڙي طرح نوجوانن کي روزگار ڏنو هو ٻيهر ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته نفرتون مٽائي محبتون ورهائي هڪ قوم ٿي وڃون اهو ئي خداوندي جو حڪم ۽ نبي ڪريم ﷺ جي سنت آهي، اهو ئي شاعر مشرق علامه اقبال ۽ باباءِ قوم قائداعظم جو پيغام آهي.